اسلام آباد – 03 – ڊسمبر (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) صنعتي صارفين جي لاءِ بجلي استعمال ??رڻ جي وقتن جي بنياد تي ٽيرف اسڪيم جي خاتمي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڪابينا جي اقصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس وزي??اع??م جي ناڻي ?? اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ نج??ار?? واري وفاقي وزير محمد ميان سومرو، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، روينيو واري خاص معاون ڊاڪٽر وقار مسعود، پاور واري خاص معاون تابش گوهر ۽ وزي??اع??م جي اداراجاتي سڌارن واري صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين شرڪت ڪئي.