اسل??م آباد – 27 – جنوري (اي پي پي) اط??اعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته اظهار راءِ تي ڪا پابندي نه آهي، ڪجهه چينلز ۽ اخبارون خاص ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيون آهن، ڪڏهن به ڪنهن چينل ۽ اخبارن جا اشتهار روڪڻ جو حڪم ناهي ڏنو، اهي ادارا جيڪي حڪومت تي تنقيد ڪن ٿا انهن کي به اشتهار ڏنا ويا آهن، پي ٽي آءِ جي حڪومت روايتي حڪومت نه آهي، نئين پارٽي نئين سوچ سان حڪومت هلائي رهي آهي. هو سينيٽ جي اط??اعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. سينيٽ جي اط??اعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ اط??اعات ۽ نشريات واري وزارت کان قومي اشتهارن جي ??اليسي تي بريفنگ، پي ٽي وي اسپورٽس جي ڪم ??ي طريقيڪار ۽ مستقبل ۾ نشريات ۽ پروگرام ۾ بهتري جي ??نصوبابندي جي ??عاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.