اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪوڙين خبرن جي وڌندڙ لعنت جي حوصلا شڪني تي زور ڏنو آهي، ڇا??اڻ جو اها معاشري ۾ انتشار ۽ ماڻهن جي لاءِ پريشاني جو سبب بڻجندي آهي، هن چيو ته ميڊيا اخلاقي قدرن جي فروغ ۽ غلط معلومات جي پ??ي?? کي روڪڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. پيمرا معلومات جي آزاداڻي فراهمي يقيني بڻائي معلومات، تعليم ۽ تفريح جي معيار کي بهتر بڻائي اهڙن خيالن جو اظهار پيمرا جي چيئرمين محمد سليم بيگ سان ??لاقات دوران ڪيو، ملاقات دوران ??يمرا جي چيئرمين صدر کي پاڪستان ۾ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي آزاداڻي فروغ ۽ سهولت فراهم ڪرڻ جي حوالي سان ??نهنجي اداري جي سالياني رپورٽ 20 -2019ع پيش ڪئي، هن ملڪ ۾ سچي ۽ صحيح معلومات جي فراهمي لاءِ کنيل قدمن کي به اجاگر ڪيو، ان ??وقعي تي ڳالهائيندي صدر عارف علوي چيو ته معاشري کي ڪوڙين خبرن جو چئلينج درپيش آهي ۽ اها لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرن جي ذميداري آهي ته هو ڪوڙين خبرن جي پ??يڙ کان ??اسو ڪري، ڇا??اڻ جو ان سان ??اڻهن کي مسئلن جو منهن ڏسڻو پوندو آهي.