اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) وز??را??ظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام ڪشميرين جي خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ انهن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي ۽ ڀارتي ظلم ۽ بربريت جي خلاف هر فورم تي آواز اٿاريندا رهنداسين. وز??را??ظم ميڊيا آفيس مان جاري پريس رليز موجب اهڙن خيالن جو اظهار وز??را??ظم عمران خان آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وز??را??ظم سردار عبدالقيوم نيازي سان ملاقات دو??ان ڪيو. جنهن ۾ آزاد ڪشمير جي مجموعي صورتحال ۽ آئنده لاءِ تعمير ۽ ترقي جي لائحه عمل تي ڳالهه ٻولهه ڪ??ي وئي، وز??را??ظم عمران خان سردار عبدالقيوم نيازي کي آزاد ڪشمير جي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي. آزاد ڪشمير جي وز??را??ظم عبدالقيوم نيازي مٿس اعتماد ڪرڻ تي وز??را??ظم عمران خان جو ٿورو ادا ڪيو. آزاد ڪشمير جي وز??را??ظم چيو ته سندس حڪومت جي ترجيح جتي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي مسئلن جو حل آهي اتي سرحد پار پنهنجي ڀينرن ۽ ڀائرن جي مسئلن کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ لاءِ به هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ آهي، جيڪي ڀارت جي غير قانوني ڏاڍ ۾ بي پناهه مسئلن جو شڪار ۽ سختيون برداشت ڪري رهيا آهن، وز??را??ظم عمران خان ان موقعي تي چيو ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام ڪشميرين جي خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ ساڻس ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي ۽ ڀارتي ظلم ۽ بربريت جي خلاف هر فورم تي آواز اٿاريندا رهنداسين.