اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان کان وڌيڪ ٻيو ڪو ملڪ افغانستان ۾ ام?? ۽ استحڪام جو خواهشمند نه آهي، پرامن ۽ مضبوط افغانستان جي لاءِ پاڪستان ڀرپور حمايت ڪندو، افغانستان ۾ پائيدار ام??، استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ افغان اڳواڻن تي وڏي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي. هو افغانستان سان تعلق رکندڙ سياسي اڳواڻن سان ڳالهائي رهيو هو جن ڪالهه اڱاري ڏينهن هتي ساڻس ملاقات ڪئي. سياسي اڳواڻن جي ??فد جي آجيان ڪندي وزيراعظم عمران خان دين، تاريخ، جاگرافيائي، ثقافت ۽ رشتيداري جي مضبوط رابطن جي ذريعي پاڪستان جي ع??ام پاران ڀائر افغان ع??ام جي لاءِ ڀرپور حمايت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان کان وڌيڪ ٻيو ڪو ملڪ افغانستان ۾ ام?? ۽ استحڪام جو خواهشمند نه آهي. وزيراعظم چيو ته موجوده صورتحال ۾ افغان اڳواڻن تي وڏي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته اهي افغانستان کي پائيدار ام??، استحڪام ۽ ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جي لاءِ تعميري طور تي گڏجي ڪم ڪن. وزيراعظم افغانستان ۾ ٺوس سياسي حل جي لاءِ سمورين ڌرين سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجائيندي وزيراعظم عمران خان خاطري ڪرائي ته پاڪستان ان سلسلي ۾ ڪئي ويندڙ ڪوششن جي ڀرپور حمايت ڪندو. ??فد جي ميمبرن وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ ام?? ڪوششن جي لاءِ پاڪستان جي حمايت کي ساراهيو. هنن چيو ته افغانستان جو معاشرو گهڻ نسلي نوعيت جو آهي ۽ اتي ٺوس نظم ۽ ضبط جي ضرورت آهي. افغان ??فد پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ ڀائراڻن ??اڳ??پن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش کي پڻ ورجايو.