لاهور – 22 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت مهانگائي جي ڪري عام ماڻهو جي ??شڪلاتن کان پوري طرح آگاهه آهي، ضلعي ۽ تعلقي جي سطح تي پرائيس ڪنٽرول ڪميٽيون فعال ڪيون ويون آهن، منافع خورن ۽ ذخيره اندوزن جي خلاف بنا فرق جي ڪريڪ ڊ??ئون جاري رهندو، پنجاب ۾ ترقياتي منصوبن کي مقرر وقت ۾ مڪمل ڪيو وڃي، قانون جي بالاد??تي کي يقيني بڻايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجاب جي ??ڏي وزير سردار عثمان بوزدار سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي.
ان موقعي تي پنجاب جو چيف سيڪريٽري ڪامران علي افصل ۽ آءِ جي ??نجاب رائو سردار علي خان به موجود هئا، وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم کي صوبي جي انتظامي ۽ ترقياتي معاملن تي بريفنگ ڏني وئي. وڌيڪ جاري ترقياتي منصوبن ۽ عوامي ڀلائي جي اسڪيمن جي باري ۾ به آگاهه ڪيو ويو. ملاقات ۾ وزيراعظم کي مهانگائي تي ضابطو آڻن ۽ صوبي ۾ امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ لاءِ قدمن ??ان به آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم عمران خان چيو ته حڪومت مهانگائي جي ڪري عام ماڻهو جي تڪليف کان پوري طرح آگاهه آهي ۽ پائيدار قدم کڻي ماڻهن کي وڌ کان وڌ رليف جي ??راهمي يقيني بڻائي رهي آهي.
مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ضلعي ۽ تعلقي جي سطح تي پرائيس ڪنٽرول ڪميٽيون فعال ڪيون ويون آهن، منافعي خورن ۽ ذخيرو اندوزن جي خلاف بنا فرق جي ڪريڪ ڊ??ئون جاري رهندو. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو پنجاب ۾ جاري سمورن ترقياتي منصوبن کي مقرر مدي جي اندر مڪمل ڪن ته جيئن عوام جي سهولت ٿئي. وزيراعظم چيو ته عوام جي ??ائدي لاءِ سمورن عوامي ڀلائي جي ??نصوبن جي بهترين معيار کي يقيني بڻايو ويندو. قانون سڀني جي ??اءِ برابر آهي، قانون جي بالاد??تي کي يقيني بڻائڻ لاءِ حڪومت هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي.