اسلام آباد – 23 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ چ??ئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ ماحول محفوظ ۽ سازگار آهي جنهن مان سع??دي عرب جا سيڙپڪار فائدو کڻي سگهن ٿا، ٻطرفي واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب اها ڳ??لهه هن سع??دي مجلس شوريٰ ڪائو??سل جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالله بن محمد آل شيخ جي قيادت ۾ اعليٰ اختياراتي وفد سان ڳالهائيندي چئي جنهن سنيٽ چ??ئرمين سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي فورغ ۽ سمورن شعبن ۾ وڌيڪ تعاون وڌائڻ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سع??دي عرب ۽ پاڪستان ۾ پارلياماني رابطن يج فروغ سميت ٻين گڏيل دلچسپي جي معاملن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، سينيٽ چ??ئرمين مهمان کي افغانستان جي صورتهال ۽ اتي جي ماڻهن کي بحران کان بچائڻ لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو، محمد صادق سنجراڻي سع??دي عرب ۽ ڪنگ سلمان رليف سينٽر پاران افغاني عوام جي امداد تي ٿورو ادا ڪيو. سينيٽ چ??ئرمين چيو ته سع??دي عرب هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي مدد ڪئي آهي جيڪا واکاڻ جوڳي آهي. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن ۽ تعاون جي فروغ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، سع??دي مجلس شوريٰ ڪائو??سل جي چيئرمين چيو ته خادم الحرمين الشريفين ۽ سع??دي عوام پاڪستان سان دلي همدردي رکن ٿا، سع??دي مجلس شوريٰ ڪائو??سل جي چيئرمين نئين پارلياماني سال جي افتتاح?? تقريب ۾ شرڪت لاءِ سينيٽ چ??ئرمين کي دعوت ڏني جيڪا هن قبول ڪري ورتي، هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وفدن جي مٽاسٽا سان لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. سع??دي مهمان ٻنهي ملڪن کي ويجهو آڻڻ ۾ سينيٽ چ??ئرمين جي ڪوششن کي ساراهيو.