راولپنڊي -09 جنوري (اي پي پي) پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بزدار مري جي برفباري سبب متاثر علائقن جو فضائي ??ور?? ڪيو ۽ گهڙيال سميت متاثر علائقن جو ٽن ڪلاڪن تائين ??ور?? ڪيو ۽ متاثر علائقن ۾ جاري رليف آپريشن جو جائزو ورتو. پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار مري سانحي جي اعليٰ س??حي انڪوائري ڪرائڻ جو اعلان ڪيو. ايڊيشنل چيف ??يڪ??يٽري (گهرو) پنجاب جي سربراهي ۾ 7 ڏينهن ۾ رپورٽ پيش ڪئي ويندي ۽ مري جي علائقي ۾ فوت ٿي ويل ماڻهن جي وارثن لاءِ هڪ ڪروڙ 76 لک رپين جي مالي امداد جو اعلان ڪيو آهي. وڏي وزير مري کي ضلع بڻائڻ جي اصولي منظوري پڻ ڏئي ڇڏي ۽ فوري طور ايس پي ۽ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر جي مقرري جي هدايت پڻ ڪئي آهي.