اسلام آباد – 13 ج??وري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان قومي اسيمبلي جي ميمبر غوث بخش خان مهر ۽ سردار نصر الله خان دريشڪ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاق??ت ۾ منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير اسد عمر ۽ خصوصي صلاحڪار ملڪ محمد عامر ڊوگر به موجود هئا. ملاق??ت ۾ لاڳاپيل تڪن جي سياسي معاملن ۽ جاري ترقياتي منصوبن تي خيا??ن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم عمران خان لاڳاپيل تڪن ۾ پارٽي کي سياسي طور تي منظم ۽ فعال ڪرڻ جي هدايت ڪئي.