اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حب??ب چيو آهي ته حڪومتي ميمبر ۽ اتحادي گڏجي اڄ اهو ضمني بل منظور ڪرائيندا، مخ??لف ڌر کي ناڪامي ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پارلياماني پارٽي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه دوران ڪيو. هن چيو ته مخ??ل ڌر چئي رهي هئي ته اسان ضمني فنانس بل منظور نه ڪرائڻ ڏينداسين، اڄ مخ??لف ڌر کي ڀرپور ناڪامي ٿيندي. هن چيو ته سڄي قوم اڄ واري مخ??لف ڌر کي روئندو ڏسندي. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حب??ب چيو ته ضمني فنانس بل سان عام ماڻهو تي ڪو به اثر نه پوندو، عام ماڻهن کي متاثر ڪندڙ شين تي ٽيڪس جي معاملي تي نظرثاني ڪئي وئي آهي. مملڪتي وزير چيو ته ضمني فنانس بل معيشت کي دستاويزي شڪل ڏيڻ ۾ مدد ڏيندو. فرخ حب??ب چيو ته شهباز شريف تياري ڪري وٺي، هاڻي ان کي حساب ڏيڻو پوندو. شريف فيملي جا ڪجهه ماڻهو فرار ٿيا آهن ۽ ڪجهه ??دا??تن ۾ تاريخن جي پويان لڪي رهيا آهن.