اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آه?? ته عمران خان کي اوورسيز پاڪستاني عزيز آه??، انهي لاءِ اوورسيز پاڪستانين کي ووٽنگ جو حق ڏياريو، 30 ??رب ڊالر جي مٽاسٽا جو ناڻو پاڪستان اچي رهيو آه??، ايندڙ سال اهو 35 ??رب ڊالر کان به وڌي ويندو، زرداري، بلاول، مريم صفدر کي دعوت آه?? ته اهي اچن ڏسن ڪنوينشن ۾ فارن فنڊنگ وارا ويٺل آه??، جيڪو کڏو پي ٽي آءِ جي لاءِ کوٽيو ويو ان ۾ (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي پاڻ ڪرندي. اهڙن خيالن جو اظهار اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب ٽن ڏينهن واري اوورسيز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ڪيو. فرخ حبيب چيو ته اوورسيز ڪنوينشن ۾ فارن فنڊنگ وارا ويٺل آه??. فرخ حبيب چيو ته اسان ان ليڊر سان گڏ قدم سان ملائي بيٺل آه??ون جنهن تي اسان پنهنجو سينو ويڪرو ڪري فخر سان ڳالهه ڪري سگهون ٿا ته عمران خان ۽ انهن ۾ فرق آه??. مملڪتي وزير چيو ته عمران خان 40 سالا ڪمائي ٻاهرئين ملڪ مان ڪرڪيٽ ۾ ڪئي ۽ عمران خان جي ڊپ کان ڦورن جو گلدستو توهان کي نظر اچي رهيو آه??. مملڪتي وزير چيو ته اڳوڻن حڪمرانن کي مني لانڊرنگ، ملڪيتون ٺاهڻ ۽ ٻاهرئين ملڪ علاج، ڦرلٽ ڪري مفروري پسند آه?? جڏهن ته عمران خان کي اوورسيز پاڪستاني عزيز هئا، ان لاءِ عمران خان اوورسيز پاڪستانين کي ووٽنگ جو حق ڏياريو. هن چيو ته 30 ??رب ڊالر جو مٽاسٽا جو ناڻو پاڪستان اچي رهيو آه??، ايندڙ سال اهو 35 ??رب ڊالر کان به وڌي ويندو جنهن سان پاڪستان جي معيشت وڌيڪ بهتر ٿيندي. فرخ حبيب چيو ته سپريم ڪورٽ مان صادق امين عمران خان ٿئي ٿو، 40 سالا رڪارڊ پيش ڪري ٿو. مملڪتي وزير چيو ته اوورسيز جي لاءِ پاور آف اٽارني، وراثتي سرٽيفڪيٽ ۾ آساني پيدا ڪئي وئي، سائي پاسپورٽ جي عزت جو سبب اهو آه?? ته عمران خان جي دل ۾ حب الوطني جو جذبو آه??، جڏهن کان عمران خان اقتدار ۾ آيو آه?? اوورسيز پاڪستانين کي وڌيڪ عزت سان ڏٺو پيو وڃي. فرخ حبيب چيو ته پاڪستان معاشي طور تي پنهنجي پيرن تي بيهڻ وڃي رهيو آه??، گڏيل قومن جو فورم هجي يا ڪو به عالمي فورم هجي اتي اسلامو فوبيا درپيش هئي. مملڪتي وزير چيو ته اهي ڪرپٽ ماڻهو ايبسليوٽلي ناٽ نه ٿا چئي سگهن ڇو ته انهن جا مفاد آڏو اچن ٿا. فرخ حبيب چيو ته عمران خان امن جو خواهشمند اهي، ان کي سڀني ڳالهين جي خبر آه??، اسان ڪنهن کي ناراض نه ٿا ڪرڻ چاهيون، پنهنجي ??اڳ??پا بهتر چاهيون ٿا. فرخ حبيب چيو ته عمران خان آزاداڻي پرڏيهي پاليسي جو بنياد رکيو آه??، ان کي پرچين جي ضرورت نه آه??. مملڪتي وزير چيو ته مخالف ڌر جيتري مرضي ب?? اعتمادي رٿ کڻي اچي، عمران خان ت?? اعتماد پلس ٿيڻ وڃي رهيو آه??، ماضي ۾ هتي ڊرون حملن جي اجازت پنهنجي صحيحن سان ڏني ويندي رهي، هاڻي اهو دور هلي ويو آه??. مملڪتي وزير چيو ته عمران خان پاڪستانين جي عزت ۽ تڪريم جي لاءِ هر حد تائين وڃن لاءِ تيار آه??. فرخ حبيب چيو ته پي ٽي آءِ پهريون ڀيرو پوليٽيڪل فنڊ ريزنگ جو ڪانسپٽ متعارف ڪرايو آه??، ماضي ۾ 20، 20 ڪروڙ وٺي وزارتون ۽ عهدا وڪرو ڪيا ويندا رهيا. فرخ حبيب چيو ته اليڪشن ڪميشن اسڪروٽني ڪميٽي کي فوري طور فعال ڪري ته جيئن (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي فارن اڪائونٽس جي ڇنڊڇاڻ ٿي سگهي. مملڪتي وزير چيو ته بلاول ۽ مريم کي چئلينج آه?? ته پنهنجي 100 ڊونرز جو رڪارڊ پيش نه ٿا ڪري سگهن. هن چيو ته جيڪو کڏو پي ٽي آءِ لاءِ کوٽيو ويو ان ۾ (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي پاڻ ڪرندي. مملڪتي وزير چيو ته عمران خان نظريي، همت، جرئت جو نالو آه?? جيڪو نه جُهڪي ٿو ۽ نه قوم کي جهُڪڻ ڏيندو. فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خان جي صحت انصاف ڪارڊ، گهٽ آمدني هائوسنگ، احساس پروگرام سميت سمورن قدمن کي سڄي دنيا ۾ ساراهيو پيو وڃي.