اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) پاڪستاني شهرين جي اڪثريت وزيراعظم عمران خان جي خلاف بي اعتمادي رٿ جي ناڪامي تي يقين رکي ٿي، 62 سيڪڙو شهرين جو مڃڻ آهي ته وزيراعظم عمران خان جي حڪومت تازي سياسي صورتحال تي ضابطو آڻي وٺندي جڏهن ته 80 سيڪڙو پاڪستاني ان ڳالهه تي يقين رکن ٿا ته وزيراعظم عمران خان جي حڪومت پنهنجو 5 سالا مدو مڪمل ڪندي ۽ ڪي مڊ ٽرم چونڊون نه ٿينديون. پلس (PULSE) ڪنسلٽنٽ وزيراعظم عمران خان جي پهرين مارچ تي قوم کي خطاب ۽ ريليف جي ق??من، ملڪ جي تازي سياسي صورتحال ۽ مخالف ڌر پاران پيش ڪيل بي اعتمادي رٿ جي حوال?? سان عوامي راءِ معلوم ڪرڻ جي لاءِ سڄي ملڪ ۾ سروي ڪئي جنهن ۾ 16 کان 55 سالن جي عمر جي ماڻهن کان سوال ۽ انٽرويوز ڪيا ويا جن ۾ ڳوٺاڻي ۽ شهري علائقن جي هر طبق?? سان تعلق رکندڙ ماڻهو شامل هئا. سروي نتيجن موجب هر 10 مان 6 (62 سيڪڙو) ماڻهن ان يقين جو اظهار ڪيو ته وزيراعظم عمران خان جي حڪومت تازي سياسي صورتحال تي ضابطو آڻي وٺندي جڏهن ته سروي ۾ شريڪ 10 مان رڳو 2 يعني (23 سيڪڙو) ماڻهن خدشو ظاهر ڪيو ته بي اعتمادي رٿ جي ڪري وزيراعظم عمران خان جي حڪومت ختم ٿي سگهي ٿي ۽ 15 سيڪڙو ماڻهن ان تي ڪنهن ردعمل جو اظهار نه ڪيو. پلس ڪنسلٽنٽ پاران جاري سروي ۾ چيو ويو آهي ته 80 سيڪڙو پاڪستاني ان ڳالهه تي يقين رکن ٿا ته وزيراعظم عمران خان جي حڪومت پنهنجو 5 سالا مدو مڪمل ڪندي ۽ ڪي مڊ ٽرم چونڊون نه ٿينديون. سروي نتيجن موجب 13 سيڪڙو ماڻهو وچ مدي وارين چونڊن جي توقع رکن ٿا جڏهن ته سروي ۾ شامل 7 سيڪڙو ماڻهن ان تي پنهنجي راءِ جو اظهار نه ڪيو. قوم کي پهرين مارچ تي پنهنجي خطاب دوران وزيراعظم عمران خان چيو ته سڄي دنيا ۾ ناڻي واڌ جي شرح ۽ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضا??ي جي باوجود حڪومت ٽيڪس اوڳاڙين ۾ موثر ۽ ڀرپور اضا??ي جي نتيجي ۾ عوام کي ريليف ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم جي ان فيصلي ۽ تقرير جي حوال?? سان جڏهن عوامي راءِ ڄاڻڻ جي لاءِ سروي ۾ سوال ڪيو ويو ته سروي ۾ شريڪ 10 سيڪڙو ماڻهن ان سان مڪمل اتفاق ڪيو جڏهن ته 42 سيڪڙو جزوي متفق هئا. اهڙي طرح وزيراعظم جي دعويٰ سان اتفاق ??ند??ن جي شرح 52 سيڪرو رهي آهي. وڌيڪ اهو ته 42 سيڪڙو ماڻهن وزيراعظم جي دعويٰ سان عدم اتفاق ڪيو. وزيراعظم عمران خان پاران پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ 10 سيڪڙو گهٽتائي جي ق??م جي حوال?? سان 8 سيڪڙو ان کي وڏو ريليف ۽ 41 سيڪڙو مناسب ريليف قرار ڏنو، اهڙي طرح پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي فيصلي تي مجموعي طور تي 49 سيڪڙو ماڻهن اطمينان جو اظهار ڪيو، 48 سيڪرو شرڪت ??ند??ن جو ??وڻ هو ته ان سان ڪو وڌيڪ اثر نه پوندو جڏهن ته 3 سيڪڙو ڪا راءِ نه ڏني. بجلي جي في يونٽ ۾ 5 رپين جي گهٽتائي جي حوال?? سان پڻ سروي ۾ شرڪت ??ند??ن گڏيل سڏيل ردعمل جو اظهار ڪيو. سروي نتيجن موجب 9 سيڪڙو ان کي هڪ وڏو ريليف ۽ 42 سيڪڙو بجلي جي قيمت ۾ گهٽتائي کي مناسب ريليف قرار ڏنو. اهڙي طرح بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي فيصلي تي اطمينان ۽ ريليف جو اظهار ??ند??ن جي مجموعي شرح 51 سيڪڙو رهي آهي جڏهن ته 47 سيڪڙو چيو ته اهو ڪو ايترو وڏو ريليف نه آهي. احساس مالي معاونت جي پروگرام ۾ 2 هزار جي اضاف?? سان مالي معاونت 14 هزار رپيا ڪرڻ بابت سروي جي 63 سيڪڙو شرڪت ??ند??ن اطمينان جو اظهار ڪيو جن ۾ 32 سيڪڙو مڪمل ۽ 31 سيڪڙو جزوي اطمينان جو اظهار ڪيو. ٻئي طرف 32 سيڪڙو ماڻهن ان اضاف?? سان مڪمل عدم اتفاق ڪيو ۽ 5 سيڪڙو ڪنهن راءِ جو اظهار نه ڪيو. پنجاب صوبي ۾ صحت انصاف ڪارڊ ۽ حڪومت جي ڪارڪردگي جي حوال?? سان سوال تي سروي نتيجن موجب پنجاب جا 66 سيڪڙو ماڻهو ڀرپور مطمئن آهن جڏهن ته 29 سيڪڙو عدم اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ 6 سيڪڙو شرڪت ??ند??ن ڪنهن راءِ جو اظهار نه ڪيو.