اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محم??د قريشي سان نائجيريا جي دفاع واري وزير ميجر جنرل (ر) بشير صالحي مگاشي پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ نائجيريا جي وچ ?? وڌندڙ دفاعي تعاون اطمينان جوڳو آهي. گذريل سال پاڪستاني جي ايف ٿنڊر جنگي هوائي جهازن جي نائجيريا منتقلي انتهائي سٺو سنئوڻ آهي، شاهه محم??د قريشي چيو ته نائجيرين فوجين کي پاڪستان ۾ دهشتگردي جي روڪٿام جي تربيت جي فراهمي اسان جي دفاعي لاڳاپن جي استحڪام جي مظهر آهي، پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ نائجيريا جي وچ ۾ دهشتگردي جي خا??مي ۽ بارڊر مينيجمينٽ ۽ سرويلنس جي حوالي سان مفاهمت نامي تي جلد صحيحن جي ضرورت ت زور ڏنو ۽ چيو ته اسان ٻطرفي سي??سي مشاورت، سفارتي ۽ سرڪاري پاسپورٽ هولڊرز جي لاءِ ويزا جي خا??مي جي حوالي سان التوا ۾ پيل مفاهمت نامن کي جلدي حتمي شڪل ڏيڻ جا خواهشمند آهيون، پرڏيهي وزير چيو ته اسان نائجيريا جي صدر محمد بوهاري کي پاڪستان ۾ جلد خوش آمديد چوڻ جا منتظر آهيون.