اسلام آباد – 02 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته گلوبلائيزيشن دنيا کي متحد ڪري ڇڏيو آهي، گلوبلائيزيشن جي ڪري سيڪيورٽي اندروني امن سان مشروط آهي ۽ پاڪستان امن ۽ استحڪام چاهي ٿو. اسلام آباد ۾ سيڪيورٽي ڊائيلاگ کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان امن ۽ استحڪام چاهي ٿو. پرڏيهي وزير چيو ته دنيا جيو پوليٽڪس کان جيو اڪنامڪس طرف وڌي رهي آهي اسان نئين دور ?? امن سان اڳتي وڌڻ چاهيون ٿا. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ترقي ۽ امن جو حصيدار آهي، اسان روايتي حصيداري کان به اڳتي جا لاڳاپا چاهيون ٿا. هن چيو ته سي پيڪ پاڪستان جي لاءِ وڏو ٽرننگ پوائنٽ ثابت ٿين??و، اسان خطي ۾ غربت ۽ تعليم جي شعبن ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون. پرڏيهي وزير چيو ته ڀارت ??و سپر سونڪ ميزائيل پاڪستان ۾ ڪرڻ ڳڻتي جوڳو عمل آهي. ڀارتي ميزائ??ل ??ي ڪري خطي ۾ سيڪيورٽي ??سئ??ا جنم وٺي سگهيا پئي.