اسلام آباد – 08 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۽ صوماليه جي وچ ۾ واپار ۽ معيشت سميت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ لاڳاپا مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان جي ”لُڪ آفريقه پاليسي“ سان سمورن آفريق?? ملڪن سان ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ملندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ صوماليه جي عهدو ڇڏيندڙ سفير خديجه المخزومي سان الوداع?? ملاقات دوران ڪيو. صدر او آءِ س?? ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي اجلاسن ۾ شرڪت تي صوماليه جو ٿورو ادا ڪيو، ص??ر ٻنه?? ملڪن جي وچ ۾ ??ار??ياماني وفدن جي مٽاسٽا ۾ اضافي جي ضرورت تي زور ڏنو، ص??ر صومالي ??ار??يامينٽرينز کي پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ??ار??ياماني سروسز پاران ??ار??ياماني خدمتن جي پروگرام مان مستفيد ٿيڻ جي دعوت ڏني، ص??ر چيو ته صومالي شاگردن جو هڪ وڏو تعداد پهرين ئي پاڪستاني تعليمي ادارن ۾ تعليم پرائي رهيو آهي، پاڪستان ڪافي تعداد ۾ صومالي پناهگيرن جي ميزباني ڪري رهيو آهي ۽ ان جي پنهنجي گهرن ۾ محفوظ واپسي جو خواهشمند آهي. صدر ٻنه?? ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ تي سفير جي خدمتن کي ساراهيو.