اسلام آباد – 14 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي ملڪ جي تيز رفتار ترقي لاءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ??يو آهي ته آءِ ٽي جي شعبي کي ترجيح ڏئي پاڪستان گهٽ وقت ۾ ترقي جون منزلون طئي ڪري سگهي ٿو، آءِ ٽي جي شعبي جو ملڪي معيشت جي ترقي ۽ ماڻهن کي روزگار جي فراهمي ۾ نمايان ڪردار آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن فاطمه جناح پارڪ ۾ ”فيوچر فري لانس فيسٽ 2022ع” کي خطاب ڪندي ڪيو جنهن جو اهتمام جي ايس بئنڪ پاڪستان فري لانس ايسوسيئيشن ۽ ٻين ادارن جي سهڪار سان ڪيو هو. تقريب ۾ اسپيشل ٽيڪنالاجي زون اٿارٽي جي چيئرمين عامر هاشمي ۽ جي ايس بئنڪ جي عمران حليم شيخ سميت مختلف ادارن جي سي اي اوز ۽ آءِ ٽي جي ماهرن شرڪت ڪئي. صدر ??يو ته نوجوانن جو جذبو ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ترقي پاڪستان کي ترقي يافته ملڪ بڻائيندو، آءِ ٽي ۽ ٻين شعبن ۾ ترقي سان پاڪستان جو مستقبل روشن ٿيندو، هن ??يو ته آءِ ٽي انڊسٽري کي تربيت يافته افرادي قوت جي ضرورت آهي، پاڪستان ۾ هيومن ريسورس جي کوٽ نه آهي، نوجوانن کي ??وجوده دور جي گهرجن موجب انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ تربيت يافته بڻائي ??نهن لاءِ روزگار جا موقعا وڌندا. هن ??يو ته آءِ ٽي ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ ڀرپور ڪم ڪرڻو پوندو، نوجوانن کي ??ني تربيت لاءِ اسڪل ڊولپمينٽ پروگرام شروع ڪيو ويو آهي جنهن جو مقصد نوجوانن کي ??نرمند ۽ معاشي طور تي پاڻڀرو بڻائڻ آهي. صدر ??يو ته نوجوانن کي ڊجيٽل اسڪلز طرف متوجهه ڪيو پيو وڃي، 6 مهينن دوران 22 لک ماڻهن کي ڊجيٽل اسڪلز جي تربيت ڏني وئي، ڊجيٽل مهارتن جي ڪورس جي تربيت يافته ۽ ڏورانهن علائقن سان تعلق رکندڙ ڪجهه نوجوانن ڏيڍ لک ڊالر تائين ڪمائي ??هيا آهن جيڪا هڪ وڏي اڳڀرائي ??هي، صدر آءِ ٽي ماهرن ۽ نوجوانن تي زور ڏنو ته هو انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ جدت طرف پنهنجو ڌيان ڏين. ڊاڪٽر عارف ع??وي ??يو ته آءِ ٽي جي شعبي کي سهولتن جي فراهمي سان هنرمند افرادي قوت تيار ٿيندي ۽ ان جي نتيجي ۾ ملڪي معيشت کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي، هن ??يو ته چين آءِ ٽي ۽ ٻين لاڳاپيل شعبن ۾ وڏي تعداد ۾ ماڻهن کي تربيت ڏئي هنرمند بنايو جنهن جي نتيجي ۾ هن زبردست ترقي ڪئي ??هي. صدر ??يو ته آءِ ٽي جي شعبي کي ترجيحي ڏئي پاڪستان گهٽ وقت ۾ ترقي جون منزلون طئي ڪري سگهي ٿو، ان مقصد جي لاءِ فيصله سازي جي عمل کي تيز ڪرڻو پوندو، مارڪيٽ جي ضرورت کي ??ورو ڪرڻ لاءِ هائير ايجوڪيشن ڪميشن کي ??يو ويو آهي ته ڊگري جو وقت گهٽ ڪيو وڃي، فري لانسر گهر ويهي مارڪيٽ سان ڳنڍجي رهيا آهن، مصنوعي ذهانت جي هر شعبي ۾ گنجائش موجود آهي، صدر ??يو ته آءِ ٽي سيڪٽر عورتن کي بااختيار بنائڻ جو وڏو ذريعو آهي، گذريل سال ٽيوٽا پنجاب فيس بڪ جي سهڪار سان پنج هزار عورتن کي ??ختلف هنر سيکارڻ جي تربيت ڏني جيڪي هاڻي پاڻ روزگار ڪمائي ??هيون آهن، مون هن سال هڪ لک عورتن کي تربيت يافته بڻائڻ جو هدف رکيو آهي، ڊاڪٽر عارف ع??وي ??يو ته آءِ ٽي جو شعبو عورتن کي گهر ۾ رهندي بااختيار بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، هن آءِ ٽي ڪمپنين تي زور ڏنو ته هو ان شعبي ۾ عورتن جي شموليت جي حوصلا افزائي ڪن، هن ??يو ته ان لائن تربيت کانپوءِ عورتون گهر ۾ ويهي ڪم ڪري سگهن ٿيون، اسپيشل ٽيڪنالاجي زون اٿارٽي جي چيئرمين عامر هاشمي تقريب ۾ شرڪت تي صدر جو ٿورو ادا ڪندي ??يو ته هو آءِ ٽي جي شعبي جي ترقي لاءِ گهري دلچسپي وٺي رهيو آهي، هن ??يو ته ملڪ ۾ آءِ ٽي جي شعبي کي اڳتي وڌائڻ ۽ ان ۾ جدت آڻڻ جي ضرورت آهي. تقريب کي خطاب ڪندي جي ايس بئنڪ جي عمران حليم شيخ پروگرام جي ارادن ۽ مقصدن کان شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو، ان کان اڳ صدر مختلف شعبن ۾ نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙن ۾ ايوارڊ ورهايا.