اسلام آباد – 29 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان ڪارپوريشن (اي پي پي) جي سينيئر رپورٽر ظهيرالحق جي والده جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظ??ار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته والده جو لاڏاڻو تما?? وڏو سانحو آهي، سوڳوار خاندان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هن دعا ڪئي ته ا??له تعاليٰ مرحومه کي جنت ۾ ا??ليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.