اسلام آباد – 29 –; مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قو??ن جي امن سپاهه جي عالمي ڏينهن تي پاڪستاني امن دستن جي ڪوششن ۽ قربانين کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته عالمي ا??ن جو فخر جوڳو فرض نڀائيندڙ گڏيل قو??ن جي امن دستن کي سلام پيش ڪريون ٿا، گڏيل قو??ن جي امن ڪاررواين ۾ سڀ کان وڌيڪ 2 لک دستا فراهم ڪرڻ پاڪستان جي امن دوستي ۽ امن پسندي جو اظهار آهي. گڏيل قو??ن جي امن سپاهه جي عالمي ڏينهن جي ??وقعي تي پنهنجي سيريز آف ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستاني امن سپاهه جي ??ربانين ۽ ڪوششن جو موجوده سيڪريٽري جنرل سميت گڏيل قو??ن جي اداري ۽ عالمي سطح تي اعتراف اعزاز آهي، 1960ع کان 2022ع تائين پاڪستاني امن دستن ۾ شامل آفيسرن ۽ جوانن قابل فخر ۽ مثالي ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته قوم جي ??رزندن ۽ ڌيئرن سڄي دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ، انساني خدمت ۽ مثالي پيشيواراڻي صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو. وزيراعظم چيو ته امن ڪاررواين جي دوران پاڪستان جي 169 فزندن شهادت جو عظيم مرتبو ماڻيو، اسان شهيدن کي سلام پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ پاڪ فوج جي ??يشيواراڻي طرز عمل ۽ مشڪل ترين حالتن ۾ مثالي ڪارڪردگي جو اعتراف فخر جوڳو آهي، امن ڪاررواين جي ??اءِ هٿياربند فوج، رينجرز، ايف سي ۽ پوليس جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا.