اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف اسلام آباد جي جيل ڪامپليڪس جي ??نصوبي ۾ ڪيترن ئي سالن جي دير جو نوٽيس وٺندي ايندڙ مالي سال ۾ جيل جي تعمير مڪمل ڪرڻ جي ??دايت ڪئي آهي ۽ منصوبي جي جائزي لاءِ 6 رڪني ڪميٽي جوڙي آهي. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب گهرو وزير راڻا ثناءُ الله کي ڪميٽي جو سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي. وزيراعظم جي سيڪريٽري ڊاڪٽر توقير شاهه ان حوالي سان حڪمنامو جاري ڪيو آهي. ڪميٽي جي ??يمبرن ۾ گهرو، هائوسنگ، منصوبابندي وارين وزارتن جا سيڪريٽريز، اسلام آباد چيف ڪمشنر ۽ سي ڊي اي جو چيئرمين شامل آهن. وزيراعظم معاملي تي ڪميٽي کان هڪ هفتي اندر رپورٽ گهرندي اسلام آباد ماڊل جيل ڪامپليڪس جو ساالن کان التوا هيٺ پيل منصوبو هنگامي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ جي ??دايت ڪئي آهي. جديد ترين عالمي معيار ۽ سهولتون رکندڙ اسلام آباد جيل جي تعمير فنڊ نه هجڻ سبب مڪمل نه ٿي سگهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ايندڙ مالي سال ۾ ان منصوبي کي مڪمل ڪيو وڃي. واضح رهي ته اسلام آباد جي ڪامپليڪس کي دنيا جي جديد جيلن تحت تعمير ڪيو پيو وڃي. اسلام آباد جي ??نهنجي جيل نه هجڻ سبب قيدين کي 6 ڏهاڪن کان اڊيالا جيل ۾ رکيو پيو وڃي. اسلام آباد ۾ موٽروي ويجهو سيڪٽر اي?? 16 ۾ 90 اي??ڙ تي ٻڌل اها جديد جيل تعمير ٿي رهي آهي. ٻه ماڙ بيرڪن واري ان جيل ۾ 2000 قيدين کي رکيو ويندو. اسڪول، مسجد، ٽريننگ سينٽر، راند جو ميدان، آءِ سي ٽي جون عدالتون به ان جيل ڪامپليڪس جو حصو آهن. جيل عملدارن جي تربيت جو مرڪز به منصوبي جو حصو آهي.