بنڪاڪ- پهرين ڊسمبر(اي پي پي) ٿائلينڊ ۾ گاڏين جي نمائش دوران بجلي تي هلندڙ گاڏيون متع??رف ڪرايون ويون، ميڊيا رپورٽن موجب ٿائلينڊ ۾ منعقد ٿيل 12هن ڏينهن واري ايڪسپو ۾ جاپان، چين ۽ ٻين ملڪن مان 40 گاڏيون ٺاهيندڙ ادارا پنهنجا نمونا پيش ڪري رهيا آهن.ٿائلينڊ حڪومت گراهڪن کي ملڪ ?? تيار ٿيل بجلي تي هلندڙ گاڏيون خريد ڪرڻ تي رعايت فراهم ??ري رهي آهي، هلندڙ سال جي پهرين 10 مهينن ۾ ٿائلينڊ ۾ اٽڪل 58 هزار نئين بجلي تي هلندڙ گاڏين جي رجسٽريشن ڪرائي وئي جيڪي گذريل سال جي ان عرصي جي ڀيٽ ۾ اٺوڻ تي اضافو آهي، واضع رهي ته ٿائلينڊ جي مارڪيٽ ۾ هن وقت جاپاني گاڏيون ٺاهيندڙ ادارن جو حصو 80 سيڪڙو آهي، هونڊا،ٿائلينڊ ۾ اليڪٽرڪ گاڏيون تيار ڪرڻ وارن منصوبن جو اڳ ئي اعلان ڪري چڪي آهي جن جي پيداوار هلندڙ مهيني شروع ٿيندي.