ميانوالي – 19 جولاءِ (ا?? پي پي) وزيراعظم عمران خا?? ملڪ جي ترقي ۾ ڪرپشن کي وڏي رڪاوٽ قرار ڏيندي چيو آهي ته اڄ تائي?? ملڪ ۾ احتساب صرف ڪوٽار، ٿاڻيدار ۽ غريب شخص جو ٿيو آهي، پهريون ڀيرو طاقتور شخصيتن ۾ هٿ وڌو ويو آهي، ٻاهري?? ملڪن کان سفارشون ڪرائڻ يا ڌمڪيون ڏيڻ باوجود احتساب جو عمل نه رڪجندو، حڪومت ۽ 22 ڪروڙ عوام ڪرپشن ڪندڙن کان جواب گهري رهي آهي، 22 سالن کان انتظار ڪري رهيو هئس ته الله تعاليٰ مون کي هڪ ڀيرو موقعو ڏي ته ملڪ کي قرضي ڪندڙ ۽ ڦريندڙن خلاف ڪارروائي ڪري سگهان، گذريل 10 سالن ۾ رڪارڊ ٻاهريان قرض وٺي ميٽرو سميت ٻيا خساري وارا منصوبا ٺاهيا ويا، هُو نمل انسٽيٽيوٽ ۾ اسپتال ج?? پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.