اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪالهه سومر ڏينهن ايشيائي ترقياتي ??ئنڪ جي بلڊنگ ريزي??ين?? ود ايڪٽو ڪائونٽر سائڪليڪل ايڪسپينڊيچر پروگرام تحت 1.5 ارب ڊالر جي قرض جي معاهدي تي ??حيحن واري تقريب ۾ شرڪ?? ڪئي. ترقياتي ??صيدارن خاص طور تي ??يشيائي ترقياتي ??ئنڪ جي ڪردار کي ساراهيندي وزيراعظم بريس پروگرام تحت پاڪستان جي لاءِ 1.5 بلين آمريڪي ڊالر جي بجيٽ سپورٽ جي منظوري تي ??ئنڪ جي بورڊ جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم بئنڪ جي صدر ماساتوگو آساتاو ۽ سندس پوري ٽيم جي تازي موسمياتي ??بديلين جي نتيجي ۾ ايندڙ ٻوڏ جي تباهين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي مدد ڪرڻ کي پڻ ساراهيو. ايشيائي ترقياتي ??ئنڪ، عالمي بئنڪ، يورپي يونين ۽ گڏيل قومن جي پاڪستان حڪومت سان حصيداري ۾ ڪئي ويندڙ پوسٽ ڊيميج نيڊز اسسمنٽ موجب تازي ٻوڏ سان پاڪستاني معيشت کي 30 ارب ڊالر جو نقصان پهتو آهي. وزيراعظم ٻوڏ متاثرين جي مستقل بحالي تي ??ور ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته ايشيائي ترقياتي ??ئنڪ جي 1.5 بلين ڊالر جو قرض پاڪستان جي معاشي مشڪلاتن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو. بئنڪ جي نائب صدر شاڪسن چي وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪ?? ڪئي. پنهنجي ريمارڪس ۾ هن چيو ته بورڊ گذريل جمعي تي ??قم جي منظوري ڏني هئي. ان قدم جو مقصد پاڪستان جي معيشت کي درپيش مشڪلاتن جو ازالو ڪرڻ آهي. هن وچولي ۽ ڊگهي مدي واري اقتصادي امڪانن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ موجوده حڪومت جي معاشي سڌارن کي ساراهيو. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير محمد اسحاق ڊار، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير سردار اياز صادق، ڊائريڪٽر جنرل اي ڊي بي يوجين زوخوف کانسواءِ اي ڊي بي ۽ پاڪستان حڪومت جا اعليٰ عملدار ان موقعي تي موجود هئا. اقتصادي معاملن واري ڊويزن جي سيڪريٽري ڪاظم نياز ۽ بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر جيونگ يي معاهدي تي ??حيحون ڪيون جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف معاهدي تي ??حيحن واري تقريب ۾ شرڪ?? ڪئي.