اسلام آباد – 07 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) کي آر ايل اين جي سان هلندڙ سي اين جي اسٽيشنن کي نوان لائيسنس جاري ڪرڻ جي مشروط اجازت ڏ???? ڇڏي آهي، اجلاس ۾ ايس اين جي پي ايل کي اوڳاڙين ۾ اڳوڻي شارٽ فال جي ريڪوري ۽ سردي جي ايندڙ موسم ۾ آر ايل اين جي جي ڊائيورزن ذريعي گهريلو ۽ ڪمرشل شعبن جي لاءِ گئس جي انتظام ۽ انصرام جي اجازت پڻ ڏئ?? ڇڏي آهي، اي سي سي ڪڻڪ جي وڌيڪ خريداري جي لاءِ ڪڻڪ جي ق??مت جي حوالي سان روس جي حڪومت سان ڳالهين جي لاءِ ناڻي واري سيڪريٽري، واپار واري سيڪريٽري ۽ ??يش??ل فوڊ سيڪيورٽي واري سيڪريٽري تي ٻڌل ڪميٽي قائم ڪر?? ڇڏي آهي. اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ڪابينا ڊويزن ۾ وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو.