اسلا?? آباد – 19 211; ??سمبر (اي پي پي) ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير علي امين گنڊا پور ايل او سي تي ڀارتي جارحيت ۽ هروڀرو جي فائرنگ جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ??ڏيل قومن جي مبصري?? کي نشانو بڻائڻ ڀارتي سفاڪيت ۽ پاگل پڻي جي انتها آهي، ڀارت ايل او سي تي جنگ بندي معاه??ي جي مسلسل خلاف ورزي ڪري رهيو آهي، هتي جاري بيان موجب علي امين گنڊا پور چيو ته ??ارت پاران ايل او سي تي سول آبادي کي نشانو بڻائڻ معمول بڻجي چڪو آهي، ايل او سي تي محدود قسم جي فوجي ڪارروائي ڀارت جي خام خيالي آهي، علي امين گنڊاپور چيو ته ??ارت پاران ڪنهن به اشتعال انگيز ڪارروائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين، گڏيل قومن جي مبصري?? کي نشانو بڻائڻ جي ڪارروائي سان ڀارتي انتهاپسن??ي جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.