لاهور – 12 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عوام کي صحت جي معياري ۽ سستي سهولت?? جي فراهمي ۽ سماجي تحفظ فراهم ڪرڻ موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي، هليٿ ڪارڊ جي ڪري نه رڳو عام ماڻهو کي صحت جي حوالي سان تحفظ فراهم ٿيندو پر صحت جي نظام ۾ به انقلابي تبديلي رونما ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجاب صوبي ۾ يونيورسل هيلٿ انشورنس جي فراهمي جي حوالي سا?? اڳڀرائي تي جائزي ??جلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ پنجاب جو وڏو وزير سردار عث??ان بوزدار، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، وزيراعظم جو صلاحڪار شهزاد اڪبر، خاص مددگار ملڪ امين اسلم، پنجاب جو ناڻي وارو وزير مخدوم هاشم جوان بخت، پنجاب جي وڏي وزير جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پنجاب جي صوبائي ڪابينا پاران صوبي جي 100 سيڪڙو آبادي کي هن ??ال جي آخر تائين يونيورسل هيلٿ ڪوريج جي فراهمي جي منظوري کانپوءِ هيستائين ٿيندڙ اڳڀرائي جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو، صحت سهولت پروگرام جي فزيبلٽِ، بجيٽ جي ڪاٿي ۽ مرحليوار عملدرآمد تي شرڪت ڪندڙن کي تفصيلي بريفنگ ڏيندي آگاهه ڪيو ويو ته ڊگهي مدي واري پلان تحت موجوده مالي ??ال جي پڄاڻي تائين ساهيوال ۽ ڊيره غازي ??ان ڊويز?? جي 7 ضلعن ۾ هليٿ ڪارڊ?? جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي جڏهن ته ڊسمبر 2021ع تائين پنجاب جي 100 سيڪڙو آبادي کي يونيورسل هيلٿ انشورنس تحت هيلٿ ڪارڊ جي ذريعي علاج جون بهترين سهولتون ميسر هونديون.