ساهيوال – 29 – جنوري (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چيو آهي ته فارن فنڊنگ ڪيس کي منطقي انجام تائين پهچائينداسين، بدعنوان عنصر جيڪو مرضي ڪري وٺن اين آر او نه ملندو، چاهيون ٿ?? ته خبر پوي ته اسامه بن لادن ڪنهن کي پئسا ڏنا هئا. ساهيوال ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وز??راعظم چيو ته سينيٽ ا??يڪشن ۾ تمام گهڻو پئسو استعمال ڪيو وڃي ٿو، جيڪڏهن ڪو نمائندو ڪروڙين رپيا وٺي پنهنجو ضمير وڪرو ڪري ٿو ته اهو عوام جي نمائندگي ڇا ڪندو، ان لاءِ اسان آئيني ترميمون چاهيون ٿ?? ته جيئن بيلٽ ا??پن ٿ??ي. اسان گذريل چونڊن ۾ پئسا وٺندڙ ڪارڪنن کي پارٽي مان ڪڍي ڇڏيو. وز??راعظم چيو ته هينئر به سينيٽ ا??يڪشن جي لاءِ ووٽ جي ??ري?? ۽ وڪري جي حوالي سان سرگرميون جاري آهن. سينيٽ پارليامينٽ جو مٿيون ايوان آهي جنهن جو تمام گهڻو تقدس آهي. هن چيو ته اسان وٽ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت نه آهي پر اسان پوءِ به سينيٽ ا??يڪشن شفاف بڻائڻ جي لاءِ بل پيش ڪنداسين.