اسلام آباد – 12 مارچ (اي پي پي) اطلا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چي?? آه?? ته مخالف ڌر سينيٽ جي پولنگ بوٿ ۾ ڳجهي ڪئميرا لڳائڻ جو ڊرامو رچايو آهي، جن و??رد??ت ڪئي اهي پاڻ ئي و??رد??ت واري جاءِ تي پهچي ويا، مخالف ڌر کي اهڙو ڊرامو ڪندي شرم اچڻ گهرجي، پئسي جو استعمال، ڌمڪي ۽ ڌانڌلي مخالف ڌر جو مشغلو رهيو آهي، اسان ڳجهيون ڪئميرائون لڳائڻ جي واقعي ج?? تهه تائين وينداسين، ذميدارن کي بي نقاب ڪيو ويندو، اسان جي ڪوشش آه?? ته ملڪ کي ڪرپٽ ٽولي کان ڇوٽڪارو ڏياريو وڃي، واقعي جي مڪمل ۽ شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي، وزيراعظم عمران خان پهرين ڏينهن کان شفافيت ۽ شو آف هينڊز جي ڳالهه ڪندو رهيو آهي، جنهن جي لاءِ اسان عملي طور تي پارليامينٽ، اليڪشن ڪميشن ۽ سپريم ڪورٽ وياسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن پارليامينٽ هائوس ۾ پريس بريفنگ روم ۾ سينيٽر فيصل جاويد سان گڏ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. سينيٽر شبلي فراز چي?? ته سينيٽ جي نون چونڊيل ميمبرن جي حلف برداري کان اڳ مخالف ڌر جي ڪڌي سازش بي نقاب ٿي وئي آهي، انهن ماڻهن پاڻ و??رد??ت ڪئي ۽ پاڻ ئي و??رد??ت واري جاءِ تي پهتا، اهي اهڙي طرح جي ڪاررواين جا ماسٽر مائينڊ آهن، اسان ڳجهيون ڪئميرائون لڳائڻ جي واقعي ج?? تهه تائين وينداسين ۽ ذميدارن کي بي نقاب ڪيو ويندو، هن چي?? ته اهي ماڻهن کي ووٽ رد ڪرڻ کان وٺي ووٽ چوري ڪرڻ تائين جو طريقو ٻڌائيندا آهن ۽ اهو ئي سبب آه?? ته قومي اسيمبلي ۾ اسان جي اڪثريت هئي، اقليت ۾ هوندي به انهن جو اميدوار ڪامياب ٿي وڃي ٿو ۽ اهي ماڻهو گذريل رات به مصروف عمل رهيا. هن چي?? ته اسان پارليامينٽ ۾ به شفاف اليڪشن ۽ شو آف هينڊ لاءِ وياسين پر انهن ان جي مخالفت ڪئي ۽ اڄ به اسان انهن کي چئلينج ڪريون ٿا ته شو آف هينڊ تي اچن پر اهي ڳجهي راءِ شماري جي ذريعي ڌمڪي ۽ ڌانڌلي ڪرڻ جا قائل آهن. اڄ انهن پولنگ بوٿ ۾ ڳجهي ڪئميرائن جي پاڻ ئي نشاندهي ڪندي ڊرامو رچايو اسان ان واقعي جي جاچ ڪرائينداسين ۽ ان ج?? تهه تائين وينداسين.