اسلام آباد – 28 – مئي (اي پ?? پي) انساني حقن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شرين مزاري چيو آهي ته فل??طين جي معاملي تي پاڪستان قائداڻو ڪردار ادا ڪيو آهي، ايتري طاقتور ڪميشن جو ٺهڻ هڪ مشڪل ڪم هو، اهو ڪميشن فل??طين جي نسل پرست اسرائيل طرفان انساني حقن جي خلاف ورزين جي آزاداڻي جاچ ڪندو ۽ انساني حقن واري ڪائونسل جنيوا جي صدر کي رپورٽ ڪندو، پاڪستان جي تجويز تي قرارداد جو اچڻ ۽ ان تي ڪميشن جي جوڙجڪ وزيراعظم عمران خان جي حڪومت جي هڪ وڏي سفارتي ڪاميابي آهي. هو اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهي هئي، هن چيو ته ان ڪميشن تي سن سيٽ ڪلاز شامل ناهي يعني اهو ڪميشن ڪنهن محدود مدي لاءِ جوڙيو ناهي ويو ۽ اهو ڪميشن وقتن بوقتن رپورٽ ڏيند?? رهندو، هن چيو ته ڪميشن ڏسندو ته نسل پرست اسرائيلي حڪومت والاريل فل??طين سميت اوڀر يروشلم ۾ ڇا ڇا ڪري رهيو آهي، اهو ڪميشن اسرئيل طرفان ڪيل عالمي ??نساني قانون ۽ عالمي ??نساني حقن جي خلاف ورزين جي نشاندهي ڪندو. اهو ڪميشن هيومن رائٽس ڪائونسل جي ميمبر ملڪن کي سفارشون ڏيندو، هن چيو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ان ڪميشن کي سهولتون مهيا ڪندو جڏهن ته يو اين هيومن رائٽس آفس ان کي لاجسٽڪ ۽ ٽيڪنيڪل سهولتون ڏيند?? رهندو ته جيئن ڪميشن پنهنجو ڪم جاري رکي. ڊاڪٽر شيرين مزاري چيو ته اسرائيل فل??طينين جي زمينن تي زبردستي قبضو ڪري رهيو آهي ان کي اتان کان ڪڍيو پيو وڃي، هن چيو ته اسرائيل هڪ نسل پرست حڪومت آهي جيڪا فل??طين تي قابض آهي. جن ملڪن تي قابض فوج هوندي آهي ان تي فورٿ جنيوا ڪنوينشن لاڳو هوندو آهي جنهن تحت توهان ماڻهن کي انهن جي گهرن مان ??ٿا ڪڍي سگهو، ان جي علائقي مان ??ٿا ڪڍي سگهو ۽ نه ئي انهن کي جيلن ۾ بند ڪري سگهو ٿا، اها فورٿ جنيوا ڪنوينشن ۾ واضح آهي، هن چيو ته فل??طينن جي ڪا به فوج نه آهي اهي عام شهري آهن جنهن ۾ ٻار به شامل آهن، اسرائيلي ملٽري ڪورٽس ۾ فل??طيني سويلين جا ٽرائل ٿي رهيا آهن.