اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) چين ??ي صدر شي جن پنگ ماحولي??ت جي عالمي ڏهاڙي 2021ع جي ڪامياب ميزباني ڪرڻ تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام کي مبارڪب??د پيش ڪندي ماحولي??ت جي شعبي جي ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جو عزم ظاهر ڪيو آهي. ماحولي??ت جي عالمي ڏهاڙي جي تقريب ۾ پاڪستان ۾ چين جي سفير صدر شي جن پنگ جو پيغام پڙهي ٻڌايو. وزيراعظم عمران خان، پارليامينٽ جا ميمبر، غير ملڪي سفارتڪار، ماحولي??ت جا ماهر ۽ ٻيا اعليٰ عملدار به ان موقعي تي موجود هئا. چيني صدر ماحولي??ت جي عالمي ڏهاڙي جي پاڪستان جي ميزباني ۾ ڪامياب انعقاد ۽ گڏيل قومن جي ڏهاڪي ايڪو سسٽم 2021ع کان 2030ع جي آغاز کي سارهيو. هن چيو ته تهذيبن جي خوشحالي لاءِ قدرتي ماحول س??ن گڏ پائيدار تعلق هموار ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان حوالي سان عالمي برادري کي ذميداراڻو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.