اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان پ??جاب جي آبپاشي واري وزير محسن لغاري ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفي?? جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ??لاقات ۾ پنجاب ۾ آبپاشي واري وزارت تحت جاري منصوبن، دريا جهلم تي جلال پور ڪينال جي تعمير، ڊيره غازي خان ۾ واقع ڪوه سليمان جي جابلو سلسلن ۾ آبي وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻ، راولپنڊي ۾ پاڻي جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ??دوچا ڊيم جي تعمير، گريٽر ٿل ڪينال جي چوباره برانچ جي تعمير ۽ انڊس هاءِ وي تي حادثن جي روڪٿام بابت معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي.