اسلام آباد – 16 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آه?? ته وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ قب??ن جي مڪمل خاتمي لاءِ ٺوس ۽ منظم پلان جوڙيو وڃي، وڻڪاري ۽ گرين ايرياز جي ??حفظ جي مهم ۾ مقامي ماڻهن جي ڀرپور شرڪت کي يقيني بڻائڻ لاءِ مراع??ون ڏيڻ تي غور ڪيو وڃي. هن اها هدايت وفاقي گادي واري شهر سان لاڳاپيل معاملن تي اجلاس جي ??دارت ڪندي ڏني. اجلاس ۾ منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر، سي ڊي اي معاملن بابت خاص مددگار علي نواز اعواڻ، سي ڊي اي چيئرمين عامر علي احمد، ايم اين اي راجا خرم نواز ۽ لاڳاپيل سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اسلام آباد ۾ قبضن ۽ ان جي ??لاف جاري ڪارروائي تي بريفنگ ڏيندي سي ڊي اي چيئرمين ٻڌايو ته قب??ن جو وڏو سبب متفقه ريگوليٽري فريم ورڪ جي کوٽ آه?? ڇو ته سي ڊي اي، رجسٽرار سوسائيٽين ۽ ايس اي سي پي جي وچ ۾ ورهايل آه??، وزيراعظم سمورن قاعدن ۽ بلڊنگ بائي لاز کي موثر طور لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ لاءِ هڪ مضبوط ۽ واحد ريگوليٽري باڊي جي ??هميت تي زور ڏنو. هن هدايت ڪئي ته وفاقي گادي واري شهر ۾ قبضن جي ??ڪايت جي مڪمل خاتمي لاءِ ٺوس ۽ منظم پلان جوڙيو وڃي ۽ ان حوالي سان اڳواٽ قدمن کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڊرونز سميت جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آندو وڃي. وزيراعظم وڏي پئماني تي وڻڪاري مهم جي ??ريعي اسلام آباد جي ماحول جي ??فاظت تي زور ڏنو. هن هدايت ڪئي ته وڻڪاري ۽ گرين ايرياز جي ??حفظ جي مهم ۾ مقامي ماڻهن جي ڀرپور شرڪت کي يقيني بڻائڻ لاءِ مراع??ون ڏيڻ تي غور ڪيو وڃي.