واشنگٽن -14 سيپٽمبر (اي پي پي)آمريڪا ۾ پاڪستان جي ??فير اسد مجيد خان چيو آهي ته ڪنهن به ملڪ اڃا تائين طالبان کي باقاعده طور تسليم ناهي ڪيو، عالمي برادري جا خدشا ختم ڪرڻ ۽ ڪيل واعدن کي پورو ڪرڻ لاءِ افغانستان جي نئين حڪومت جي ??لاحيت جو جائزو وٺي رهيا آهيون. ڀارت ۾ بنياد پرست حڪومت اسان جي ??من قدمن کي رد ڪري ڇڏيو. ٻنهي ملڪن و?? امن کان سواءِ ڪو ٻيو آپشن ناهي. هن اهڙو اظهار هن آمريڪا جي ميڊيائي اداري ”دي واشنگٽن ڊپلوميٽ“ کي انٽرويو ڏيندي ڪيو. افغانستان جي ??ورتحال جي ??والي سان پاڪستاني سفير چيو ته هي وقت آهي ته ماضي مان سبق سکجي. اسان جو تسلسل سان اه?? موقف رهيو آهي ته افغان تڪرار جو ڪو به فوجي ??ل ناهي، اسان اه?? به واضح ڪيو ته آمريڪي ف??ج جي ??ميواراڻي واپسي سان امن عمل ۾ پيش رفت ٿيندي. اه?? ئي سبب آهي ته پاڪستان بين الافغان ڳالهين جي ??مايت ڪئي ۽ ان حوالي سان اه?? پيش رفت به ٿي. هن چيو ته افغانستان ۾ سيڪيورٽي صورتحال ڪنٽرول ۾ آهي، طالبان عام معافي جو اعلان ڪيو آهي ۽ ڪهڙي قسم جي ??ه انتقامي ڪارروائين ۾ ملوث ناهي ٿيو. هن چيو ته خدشن جي ??رعڪس وڌيڪ افغان مهاجرين پاڪستان ناهن آيا. 2 ڏهاڪا اڳ آمريڪا تي بدترين دهشتگرد حملن بابت سوال تي هن چيو ته اسان جون دلي همدرديون سوڳوار خاندانن سان آهن. هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جو وڏو نقصان ٿيو. هن جنگ ۾ اسان جون 80 هز??ر کان وڌيڪ جانيون ضايع ٿيون. جڏهن ته معيشت کي 150 ارب ڊالرن کان وڌيڪ نقصان ٿيو. هن چيو ته اسان پاڻ دهشتگردي جو نشانو بڻياسين ان ڪري متاثرين جو ڏک سمجهي سگهون ٿا. پاڪ آمريڪا لاڳاپن جي ??والي سان سوال تي سفير چيو ته آمريڪا سان پاڪستان جا لاڳاپا هميشه کان اه?? رهيا آهن. نائين اليون بعد اسان افغانستان کي نظر ۾ رکندي گڏ رهيا آهيون. هڪ سوال جي ??واب ۾ پاڪستاني سفير چيو ته وال اسٽريٽ جي ??حافي ڊينئل پرل جو قتل هڪ سنگين ڏوهه هو مان ان جي ??وڳوار خاندان سان ذاتي طور تي تعزيت جو اظهار ڪيو. ڪنهن ماءُ لاءِ اه?? صدمو برداشت جوڳو نه هوندو آهي. دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ڪيتريون ئي مائرون پنهنجي پٽن کان محروم ٿيون. اسان کي ف??ت ٿيلن تي افسوس آهي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويندو ته ٻيهر ايئن نه ٿئي.