گڏيل قومون – 20 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جو ادارو افغانستان کي هڪ مضبوط ۽ محفوظ رياست ٺهندي ڏسڻ جو خواهشمند آهي. جنرل اسيمبلي جي 76 هين ??جلاس کان پهرين گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش هڪ انٽرويو ۾ چيو ته اها ڳالهه صحيح آهي ته افغانستان جي صورتحال غير متوقع آهي پر اسان سڀ چاهيون ٿا ته افغانستان ۾ جامع حڪومت هجي ۽ افغانستان انساني حقن خاص ڪري عورتن جو احترام ڪري. هن چيو ته اسان سمورا چاهيون ٿا ته افغانستان هڪ محفوظ رياست بڻجي ۽ افغانستان ۾ منشيات جي اسمگلنگ جو مقابلو ڪري، پر اها اڳڪٿي ڪرڻ ڏکي آهي ته ڇا ٿ??ڻ وارو آهي ڇو ته اڃان اهو واضح نه آهي ته ڇا ٿ??ڻ وارو آهي. هن چيو ته آئون سمجهان ٿو ته گڏيل قومن جو فرض آهي ته افغانستان کي انساني امداد فراهم ڪئي وڃي. هن وق?? طالبان سان مفاهمت رکندي کين ??مجهائي سگهجي ته ڇوڪرين کي هر سطح جي تعليم حاصل ڪرڻ جي قابل هجڻ گهرجي ۽ بين ??لاقوامي برادري سان سهڪار ڪرڻ گهرجي. اسان کي انساني امداد جي فراهمي لاءِ عالمي برادري کي متحرڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي.