اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته گهٽ ق??مت هائوسنگ منصوبا حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهن، حڪومت قرضن جي فراهمي ۾ وڌيڪ آساني پيدا ڪرڻ جي لا??ِ قدم کڻي رهي آهي. هن اه??ن خيالن جو اظهار نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. هن اٿارٽي تحت گهٽ ق??مت هائوسنگ جي جاري منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ڪامياب پاڪستان تحت بئنڪن کان قرض وٺڻ ۾ وڌيڪ آساني ٿيندي. وزيراعظم انهن جاري منصوبن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي.