اسلام آباد -19 آڪٽوبر (اي پي پي) نجڪاري واري وفاقي وزير محمد ميان سومرو چيو آهي ته پياري نبي ڪريم حضرت محمد ص??ي الله عليه وسلم جن جي سيرت مبارڪ الله تعاليٰ جو اسان لاءِ تم??م وڏو انعام آهي جنهن جو شڪر ادا ڪرڻ به وڏي سعادت آهي.
هن جشن عيد ميلاد النبي ص??ي الله عليه وسلم جن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ مسلم امت کي رحمت اللعالمين ص??ي الله عليه وسلم جن جي يوم ولادت جون مبارڪون ڏيندي چيو ته اڄوڪو ڏينهن ان ڳالهه جي تقاضا ڪري ٿو ته نبي ڪريم ص??ي الله عليه وسلم جن جي سيرت کي عملي طور تي اپنايون، ڪمزورن، غريبن ۽ بي سهارا ماڻهن سان شفقت ۽ محبت رحمت اللعالمين ص??ي الله عليه وسلم جن جو درس آهي.
انساني تاريخ ۾ ڪامل، قابل ۽ تقليد هستي پاڻ ڪريم ص??ي الله عليه وسلم جن جي ذات مبارڪ آهي. حضور پاڪ ص??ي الله عليه وسلم جن جي اطاعت ۽ پيروي کي هر سطح تي نافذ ڪرڻ ۾ ئي ڪاميابي آهي.