اسلام آباد – 22 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پنجاب جي هر خاندان کي صحت ڪارڊ جي ذريعي 10 لک روپين تائين جو علاج ڪرائڻ جي سهولت حاصل هوندي، صحت، تعليم ۽ چئن بنيادي ضروري شين اٽي، کنڊ، دال ۽ گيه?? تي وڏو رليف آڻي رهيا آ??يون، بنيادي سياسي سڌارن کانسواءِ ملڪ اڳتي نٿو وڃي سگهي.
اها ڳالهه هن پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ??يبرپختونخوا کانپوءِ هاڻي پنجاب جو هر خاندان هر سال 10 لک روپين تائين صحت ڪارڊ جي ذريعي حاصل ڪري سگهندو، ان گيم چينجر پروگرام جي ذريعي هاڻي معياري علاج غريبن کان ويندي وچولي طبقي تائين جي هر ماڻهو کي ميسر هوندو. چوڌري فواد حسين چيو ته ??حت، تعليم ۽ چار بنيادي ضروري شين اٽي، کنڊ، دال ۽ گيه?? تي وڏو رليف آڻي رهيا آ??يون، هن چيو ته ??حت ڪارڊ پروگرام پنجاب ۾ انشاءُ الله ڊسمبر کان شروع ٿيندو ۽ مارچ تائين پوري پنجاب ۾ صحت ڪارڊز ملي ويندا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ??حت ڪارڊ عوام پنهنجي مرضي جي ڪنهن به ڊاڪٽر يا اسپتال ۾ استعمال ڪري سگهندا. سرڪاري ئي نه پر نجي ڊاڪٽر ۽ اسپتالُون به هاڻي عوام جي علاج لاءِ بنا معاوضي ميسر هونديُون. پنهنجي هڪ ٻي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته فيڪ نيوز جي حوالي سان قانون ٺاهي ڪابينا جي حوالي ڪيو ويو آهي، 2018ع کان چئي رهيو آهيان ته ??نيادي سياسي سڌارن کانسواءِ ملڪ اڳتي نٿو وڃي سگهي. ميڊيا ۽ عدالتي سڌارا لازمي آهن.