اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪ?? اسد قيصر چيو آهي ته ملڪ جي مختلف حصن ۾ يتيمن ۽ خصوصي ماڻهن جي لاءِ سڀني سهولتن تي ٻڌل وڏ?? وڏن ڪئمپس ٺاهڻ جو آغاز ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، پارليامينٽ جا ميمبر پ??هن??ي پ??هن??ي علائقن ۾ اهڙا وڏا ڪئمپس ٺاهڻ جي لاءِ اڳتي اچن ?? سياست کان مٿانهون ٿي ڪري عوام جي خدمت ڪن، بيورو ڪريسي به ان سلسلي ۾ تعاون ڪري. خصوصي ماڻهن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پارليامينٽ هائوس جي اڱڻ ۾ تقريب کي خطاب ڪندي قومي اسيمبلي جي اسپيڪ?? اسد قيصر جو چوڻ هو ته پ??هن??ي ننڍپڻ کان ئي ڀلائي جي ڪمن جو شوق رهيو آهي، معاشري جي پوئتي پيل طبقن لاءِ الله مون کان ڪم ورتو. اڄ آئون اسپيڪر آهيان ته پارليامينٽ جا دروازا خصوصي ماڻهن جي لاءِ کليل آهن. ملڪ جي مختلف علائقن ۾ خصوصي ماڻهن جي لاءِ منظم ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان. اهڙا ٻار جنهن جو ڪو به نه آهي انهن کي فلاحي تنظيمن سهارو ڏنو آهي، ملڪ جي مختلف علائقن ۾ خصوصي ماڻهن ۽ يتيمن لاءِ وڏ?? وڏن ڪئمپس ٺاهڻ جو آغاز ڪري چڪا آهيون. وزيراعظم عمران خان ب?? رات ڏينهن پوئتي پيل علائقن کي انهن جي پيرن تي بيهارڻ جي ڳالهه ڪندو آهي، قانونسازي ۾ جتي به ڪمزوري آهي، نشاندهي ڪئي وڃي، پارليامينٽ ان تي قانونسازي ڪندي، انٽرنيشنل اين جي اوز جي رجسٽريشن ۾ وڏيون مشڪلاتون آهن، اسان سياست کان مٿانهون ٿي ڪري ملڪ ۽ قوم جي لاءِ ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا، پارليامينٽ جا ميمبر پ??هن??ي پ??هن??ي علائقن ۾ معذورن جي لاءِ اڳتي اچن. اسپيڪ?? اسد قيصر جي صاحبزادي ضله قيصر جو چوڻ هو ته هو پارليامينٽ جي ٿورائتي آهي ته هن معذورن جي لاءِ پ??هن??ا دروازا کوليا، موجوده پارليامينٽ معذورن جي لاءِ ڪافي بهتر قانونسازي ڪئي آهي. ڪورونا معذورن کي ڪافي مشڪلاتن جو شڪار ڪيو آهي، ڪورونا جي حالتن کي نظر ۾ رکندي معذورن جي لاءِ خصوصي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، معذورن جي لاءِ بريل سسٽم جو سبق نصاب ۾ شامل ڪرڻ گهرجي. معذورن کي خصوصي معذور ڪارڊ ملڻ جو تيز ترين نظام هجڻ گهرجي. نوڪرين ۾ معذورن جي ڪوٽا تي لازمي عمل ٿيڻ گهرجي. پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي معذورن جي لاءِ آگاهي مهم هلائڻ گهرجي. ڊرائيونگ لائسنس وٺڻ ۾ معذورن کي خصوصي سهولتون ملڻ گهرجن. تقريب کانپوءِ اسپيڪ?? اسد قيصر پارليامينٽ ۾ معذورن جي لاءِ سهولتن جو افتتاح ڪيو.