اسلام آباد – 08 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ??هي ته بلاول صاحب اڄ بلدياتي نظام ۾ سڌارن جي ڳالهه ڪري رهيو ??هي، ته اي وي ايم تي ڇو نه ٿو مشاورت ڪري؟ ڪرپٽ سياسي پارٽيون ڪڏهن به چونڊ سڌارن جي ڳالهه نه ٿيون ڪري سگهن. مملڪتي وزير فرخ حبيب بلاول زرداري جي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه تي ردعمل ڏيندي چيو ??ه بلاول صاحب اهو ڪهڙو بلدياتي نظام آهي جنهن ۾ ڪا مشاورت ئي نه ڪئي وئ??؟ ان بلدياتي نظام کي پاس ??رائڻ ۾ جلدي ڇو ڪئي وئ??؟ مملڪتي وزير چيو ??ه پيپلزپارٽي 13 سالن کان سنڌ ۾ اقتدار ۾ آهي، سنڌ جي عوام پيپلزپارٽي کان هر صورت ۾ ڇوٽڪارو چاهي ٿي. فرخ حبيب چيو ??ه جيڪڏهن 13 سالن ۾ سنڌ حڪومت ڪو هڪ وڏو ڪم ڪيو ??هي ته سامهون آڻي. هن چيو ??ه سنڌ حڪومت جي نااهلي ۽ ذخيره اندوزن جي پٺڀرائي جي ڪري سڀ کان وڌيڪ مهانگائي ڪراچي ۾ آهي. مملڪتي وزير چيو ??ه پنجاب ۾ 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 1100 رپين ۾ جڏهن ته ڪراچي ۾ 1400 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو ??هي. فرخ حبيب چيو ??ه سنڌ ۾ اربين رپين جي ڪڻڪ چوري ڪئي وڃي ٿي ۽ ڪير پڇڻ وارو نه آهي. هن چيو ??ه ڪاغذن ۾ سنڌ ۾ اربين رپيا صهت ۽ تعليم جي شعبي تي خرچ ٿيا پر اڄ به سنڌ جي اسپتالن ۾ ايمبولينسُون نه آهن. فرخ حبيب چيو ??ه سنڌ جي عوام کي ٽينڪر مافيا، ذخيرو اندزن ۽ لينڊ مافيا جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو ??هي، جعلي ڊوميسائيل تي نوڪرين جو اعزاز به پيپلزپارٽي حڪومت کي ئي حاصل آهي. مملڪتي وزير چيو ??ه گرين لائين، سنڌ جي پٺتي پيل علائقن جي ترقي، نالن جي صفائي سميت هر وڏو ڪم وفاقي حڪومت ڪري رهي آهي، سنڌ حڪومت سواءِ ڪرپشن جي ڪجهه نه ڪري رهي آهي. فرخ حبيب چيو ??ه پيپلزپارٽي ۽ (ن) ليگ ٻنهي پنهنجي پنهنجي دورن ۾ ملڪي ناڻي کي بيدردي سان ڦريو. هن چيو ??ه وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ ملڪ ترقي ۽ عوام خوشحالي جي رستي تي گامزن آهي. مملڪتي وزير چيو ??ه پيپلزپارٽي جي دور ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ به ڪرپشن جي بازار گرم هئي. هن چيو ??ه سماجي تحفظ جي لاءِ احساس پروگرام جي لاءِ هلندڙ سال 260 ا??ب رپيا رکيا ويا آهن، احساس تحت 34 پروگرام ڪاميابي سان هلي رهيا آهن. مملڪتي وزير چيو ??ه 2018ع جي اليڪشن ۾ عوام پي ٽي آءِ کي مينڊيٽ ڏنو ان کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهيون. فرخ حبيب چيو ??ه وزيراعظم عمران خان عوام جا مسئلا حل ڪرڻ جي لاءِ عملي قدم کڻي رهيو ??هي.