اسلام آباد – 26 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري م??لڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ڪووڊ – 19 جي عالمگير وبا ۽ عالمي سطح تي 10 سالن جي سڀ کان وڌيڪ مهانگائي سميت ٻين معاشي چئلينجن جي باوجود پائيدار ترقي جي 5.37 سيڪڙو شرح حڪومت جي ڪاميابي آهي، هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ ??وا??گي ??اپ??ر، ٽيڪس وصولي، جنسن جي پيداوار ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته مالي سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ آءِ ٽي ??وا??گي ??اپ??ر 35.8 س??ڪڙو، ايف بي آر ٽيڪس وصولي 32.4 سيڪڙو، اسٽيٽ بئنڪ ريزور 31.8 س??ڪڙو، ٽيڪسٽائيل ??وا??گي ??اپ??ر 26 سيڪڙو، سروسز ??وا??گي ??اپ??ر 20.4 سيڪڙو، مٽاسٽا جي ناڻي ۾ 13.3 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، هن چيو ته ڪپهه، چانور، ڪڻڪ، ڪمند ۽ مڪئي جي فصلن جي پيداوار ۾ اضافو ٿيو آهي جنهن سان آبادگارن وٽ اربين روپين جي اضافي آمدني ٿي آهي ۽ آبادگارن جي خريداري جي سگهه ۾ اضافو ٿيو آهي.