اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ ۾ پيشيوراڻي ۽ هنر تي ٻڌل تع??يم کي فروغ ڏيڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن جيڪي نوجوانن کي روزگار فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ ملڪ کي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ ۾ مددگار ٿابت ٿيندا. اعليٰ تع??يم جي اهميت کي اجاگر ڪندي صدر چيو ته حڪومت تع??يمي ترقي تي ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ مستحق شاگردن کي اعليٰ تع??يم حاصل ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ لاءِ 50 هزار وظيفن جو اعلان ڪيو آهي. اهڙن خيالن جو اطهار هن پروفيشنل ايجوڪيشن فائونڊيشن جي هڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن چيئرمين حفيظ الحق جي قيادت ۾ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد سان ڳالهايئندي صدر چيو ته خصوصي شاگردن کي پنهنجي تع??يم جاري رکڻ ۽ کين مالي طور تي بااختيار بڻائڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ ۽ انهن جي حوصلا افزائي ڪرڻ اسان جي اهم ترجيح آهي، هن وڌيڪ چيو ته خصوصي ماڻهن جي مدد ۽ حوصلا افزائي لاءِ هائير ايجوڪيشن ڪميشن هڪ پاليسي ٺاهي رهي آهي جنهن ۾ معذور شاگردن کي ٽيوشن ۽ ه??سٽل فيس کان آجو قرار ڏنو ويو آهي. صدر تع??يم جي ورچوئل جزو کي وڌائڻ جي ضرو??ت تي به زور ڏنو ۽ چيو ته اها گهٽ لاڳت ۽ آسان پهچ وارو طريقو آهي. ان وقعي تي پروفيشنل ايجوڪيشن فائونڊيشن جي چيئرمين صدر کي پيشيوراڻي تع??يم جي فروغ ۾ فائونڊيسن جي ڪردار جي باري ۾ آگاهه ڪيو، هن ٻڌايو ته پي ايف ايف انهن هوشيار شاگردن کي وظيفا ۽ بنا وياج جي قرضن جي آڇ ڪئي جنهن ميرٽ تي پروفيشنل ڪاليجن، يونيورسٽين ۾ داخلا حاصل ڪئي، پر اهي پنهنجي فيس ادا ڪرڻ جي سگهه نه رکندا هئا، هن چيو ته پي ايف ايف جي مالي تعاون س??ن 1700 شاگردن گريجوئيشن ڪئي آهي، هن وڌيڪ ٻڌايو ته فائونڊيشن 21 -2020ع ۾ 1900 شاگردن جا تع??يمي خرچا ادا ڪيا جيڪي ميڊيڪل، انجنيئرنگ ۽ ٻين پروفيشنل ڪاليجن/يونيورسٽين ۾ تع??يم پرائي رهيا هئا، صدر پروفيشنل ايجوڪيشن فائونڊيشن جي ڪوششن ۽ سهڪار کي ساراهيو جيڪا مستحق شاگردن جي تع??يم جاري رکڻ ۾ مدد ڪري هڪ شاندار ڪم ڪري رهي آهي.