لاهور – 05 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ??هي ته مخالف ڌر کي پ??ڻ هڪ ٻئي تي اعتماد ناهي رهيو، 48 ڪلاڪ گذرڻ کانپوءِ هاڻي 72 هون ڪلاڪ شروع ٿيڻ وارو ??هي پر مخالف ڌر جي عدم اعتماد جي رٿ جي ڪا ??بر نه آهي، فضل الرحمان ۽ شهباز شريف کي منهن لڪائڻ جي جڳهه نه ملندي، (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي چار ڊويزنن جون پارٽيون بڻجي چڪيون آهن، پيپلزپارٽي حڪومت تبديلي بدران زرداري فيملي کان پارٽي واپس وٺي، بلاول کان پڇڻ چاهيان ٿو ته انهن جو وزيراعظم ڪير هوندو؟ اڃا ته ائين لڳي رهيو ??هي ته 8 ڪلاڪ شهباز شريف، 8 ڪلاڪ فضل الرحمان ۽ 8 ڪلاڪ آصف علي زرداري وزيراعظم هوندا، سمورا اتحادي اسان سان گڏ آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي تعليم وارو وفاقي وزير شفقت محمود پڻ موجود هو. وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم عمران خا?? جي قيادت ۾ حڪومت مستحڪم آهي، بلاول ڀٽو جي لانگ مارچ کي راولپنڊي ۾ ڀليڪار چونداسين، انهن جو 60، 70 ماڻهن جو مارچ مئچ دوران به اچي ويو ته ڪو مسئلو نه آهي، انهن کي ڪيبن به ڏينداسين ۽ پي ٽي آءِ جي فنڊ مان چانهه به پيارينداسين. هن چيو ته 22 مارچ تي او آءِ سي پ??ڏيهي وزيرن واري ڪانفرنس ٿيڻ وڃي رهي آهي، پهريون ڀيرون پاڪستا?? جي پرڏيهي پ??ليسي سئو سيڪڙو پاڪستا?? جي اندر ٺهي رهي آهي، يورپ ۽ آمريڪا سان اسان جا لاڳاپا بهتري طرف گامزن آهن، پشاور سانحي تي تمام گهڻو ڏک آهي، اسا?? جي دلين تي قيامت گذري آهي، پوري قوم دهشتگردي جي خلاف متحد آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ 24 سالن کانپوءِ ڪرڪيٽ بحال ٿي آهي، اسان چاهيون ٿا ته مخالف ڌر عالمي سطح تي اهڙي قسم جا سگنل نه ڏي جنهن سان ڪرڪيٽ متاثر ٿئي. هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جي لانگ مارچ کي راولپنڊي ۾ ويلڪم ڪريون ٿا پر اهي مئچ کانپوءِ راولپنڊي پهچن ڇو ته 24 سالن کانپوءِ پاڪستان ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ بحال ٿي آهي، هونئ?? جيڪڏهن اهي پنهنجي 60، 70 ماڻهن جو مارچ مئچ دوران به کڻي آيا ته ڪو مسئلو نه آهي، اسانهن کي ڪيبن به ڏينداسين ۽ پي ٽي آءِ جي فنڊ مان چانهه به پيارينداسين. 48 ڪلاڪن کانپوءِ هاڻي 72 هون ڪلاڪ شروع ٿيڻ وارو ??هي پر مخالف ڌر جي عدم اعتماد جي رٿ جي ڪا ??بر نه آهي، منهنجو خيال ??هي ته عدم اعتماد جي رٿ انهن جو اهو ٻار هو جيڪو گهٽيءَ ۾ ڪٿي گم ٿي ويو آهي، هاڻي ڏسون ته اهي پنهنجي ان گم ٿيل ٻار کي ڳولڻ ۾ ڪيترو وقت لڳائين ٿا. هن چيو ته مولانا فضل الرحمان جو لٿل چهرو ڏسي شاڪر شجاع آبادي جو اهو شعر ان تي فٽ اچي ٿو ته ”تو شاڪر آپ سياڻان اين ساڊا چهره ويک حالات نه پڇ“. هن چيو ته حڪومت وزيراعظم عمران خا?? جي قيادت ۾ مستحڪم آهي، سمورا اتحادي اسان سان گڏ آهن، حڪومت کي انهن چورن، ڦورن ۽ عدم اعتماد جي ڊرامي کان ڪو خطرو نه آهي. هن چيو ته عمران خان مسلمان امت ۽ پاڪستان جو ليڊر آهي، هلندڙ سال 22 مارچ تي او آءِ سي پ??ڏيهي وزيرن واري ڪانفرنس جو اجلاس ٿيڻ وڃي رهيو آهي، هيستائين 29 پرڏيهي وزيرن اچڻ جي تصديق به ڪري ڇڏي آهي، هن ڀيري 23 مار?? جي ڏينهن پوري مسلمان امت، يورپي ملڪن سميت اهم ملڪن جا پرڏيهي وزير پاڪستان سان گڏ بيٺل هوندا. چوڌري فواد حسين چيو ته اسان متوازن پاليسي تي يقين رکون ٿا، روس يوڪرين تڪرار تي اسان جو موقف واضح آهي، ان تاثر کي رد ڪريون ٿا ته اسان جا ويسٽرن بلاڪ سان لاڳاپا خراب ٿي ويا آهن، وزيراعظم عمران خان روسي ٽي وي چينل کي انٽرويو ۾ پنهنجي پ??ليسي واضح ڪري ڇڏي هئي. گڏيل قومن ۾ پاڪستا?? جي نمائندي منير اڪرم پڻ پنهنجي تقرير ۾ چيو ته جنگ ختم ٿيڻ گهرجي ۽ ڳالهين سان مسئلن جو حل ڪڍڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان جنگ جو حامي نه آهي، ڳالهين سان مسئلن جو حل چاهيون ٿا. وفاقي وزير چيو ته پهريون ڀيرو پاڪستا?? جي پرڏيهي پ??ليسي سئو سيڪڙو پاڪستا?? جي اندر ٺهي رهي آهي، ڊگهي عرصي کانپوءِ اهڙي حڪومت اقتدار ۾ ??هي جنه?? جي پٺيان فوج، پورو ملڪ ۽ عام ماڻهو بيٺل آهي، اسا?? جي پاليسين ۾ وزيراعظم جو ملڪ لاءِ احساس نظر اچي ٿو، مخالف ڌر خاص طور تي جن جو مي فيئر ۾ گهر ??هي اهي بيهوش ٿي ويا آهن ته وزيراعظم روس ڇو هليو ويو، يورپ ۽ آمريڪا سان اسان جا لاڳاپا بهتري طرف گامزن آهن، اسان چاهيون ٿا غريب ملڪن جو جيڪو پئسو ٻاهرئين ملڪن منتقل ٿيو ??هي اهو واپس اچي، ان حوالي سان اسان تيزي سان ڪم ڪري رهيا آهيون. چوڌري فواد حسين چيو ته پشاور سانحي تي تمام گهڻو ڏک آهي، اسا?? جي دلين تي قيامت گذري آهي، پوري قوم دهشتگردي جي خلاف متحد آهي. هن چيو ته جڏهن به پاڪستان ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ شروع ٿي اهڙي طرح جا سانحا ٿيا، پشاور سانحي تي هر ٽوئيٽ ڀارت مان جنريٽ ٿي رهي هئي جنهن ۾ آسٽريلين ڪرڪيٽ بورڊ کي ٽيگ ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته اسان ڪنهن تي الزام نه هڻي رهيا آهيون پر ڀارتي حڪومت پنهنجي انهن 65 سيڪڙو ماڻهن کي به يرغمال بڻايو ??هي جن مودي کي ووٽ نه ڏنو. هن چيو ته پاڪستان ام?? جي لاءِ تيار اهي، ڪشمير مسئلي جو حل لازمي آهي. هڪ سوال تي هن چيو ته جهانگير ترين بيمار ??هي ۽ هو علاج جي لاءِ ٻاهر ويو آهي. جهانگير تري?? جي طبيعت هاڻي بهتر ??هي پر هو في الحال وطن واپس نه اچي رهيو آهي. هڪ ٻئي سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي چار ڊويزنن جون پارٽيون بڻجي رهجي ويون آهن ۽ انهن جو مقصد رڳو پنهنجي ڦريل دولت کي بچائڻ آهي. بلاول کان پڇڻ چاهيان ٿو ته انه?? جي وزيراعظم جو اميدوار ڪير آهي، اڃا ته ائين لڳي رهيو ??هي ته 8 ڪلاڪ شهباز شريف، 8 ڪلاڪ مولانا فضل الرحمان ۽ 8 ڪلاڪ زرداري وزيراعظم هوندا، مريم ۽ بلاول جيئن ته ننڍا آهن اهي چار چار ڪلاڪن جا وزيراعظم هوندا. هن چيو ته پيپلزپارٽي جي حڪومت تبديلي بدران زرداري فيملي کان پارٽي واپس وٺي. هڪ ٻئي سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سائبريا ۾ جڏهن تمام گهڻي برف پوي ٿي ته اتي خوراڪ ختم ٿي وڃي ٿي، اتي موجود ڀيڙيا هڪ ٻئي تي نظر رکن ٿا ته ڪير انهن تي حملو نه ڪري ڇڏي، اسا?? جي مخالف ڌر جو حال به سائبريا جي ڀيڙين جهڙو ??هي انهن مان ڪنهن کي هڪ ٻئي تي اعتبار نه آهي.