اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ ??بيب چيو آهي ته عمران خان نه جهڪندو نه وڪامجندو، وزيراعظم عمران خان بليڪ ميل نه ٿيندو، منهن موڙيندڙ ميمبرن جي لاءِ پيغام آهي ته هي ڇانگا مانگا جو دور ناهي. مملڪتي وزير فرخ ??بيب ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وزيراعظم عمران خان ڪنهن سان ٺاهه نه ڪندو، ڄمي بيٺل آهي ڪپتان، معاشري جي اندر ماڻهو ڏسي رهيا آهن ته ڪير حق ۽ ڪير باطل سان گڏ بيٺل آهي، توهان کي سڀاڻي ماڻهن کي جواب ??يڻو پوندو، منهن موڙيندڙ ميمبر واپس پنهنجي گهر اچي وڃن، فرخ ??بيب چيو ته توهان وٽ موقعو آهي نيلام گهر کان واپس نڪرو، مخالف ڌر پنهنجا سمورا پتا ظاهر ڪري ڇڏيا، اسان وٽ ڪيترائي پتا ۽ آخري ڪارڊ موجود آهي.