اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته او آءِ سي ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي پائيدار حل جي لاءِ پنهنجي ڪوششن ۾ اضافو ڪري، ڪشميري عوام عالمي ضمير کي ان وقت تائ??ن جنجهوڙيندي رهندي جيستائين انهن جي محروم??ن جو ازالو نه ٿو ٿئي. پرڏيهي وزارت ۾ ڄمون ۽ ڪشمير تي منعقد او آءِ سي رابطا گروپ جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته خودمختياري جو حق عالمي قانون جو بنيادي اصول آهي، پنهنجي تقدير پاڻ طئي ڪرڻ جو حق، آزادي جو نچوڙ ۽ انساني و??ار جي لاءِ اهم آهي، بدقسمتي سان ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن کي اڃا تائين ان ناقابل تنسيخ حق تائين پهچ حاصل ناهي ٿي س??هي، ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي غيرقانوني طور تي لهڻ کانپوءِ ڪشميري گذريل 70 سالن کانوڌيڪ عرصي کان انتهائي ڏاڍ ۽ ظلم ۾ زندگي گذاري رهيا آهن. پرڏيهي وزير چيو ته عالمي قانون جي بنيادي اصولن، گڏيل قومن جي چارٽر ۽ انساني حقن جي خلاف ورزي کي منهن ڏيندي ڪشميري عوام عالمي ضمير کي ان وقت تائ??ن جهنجهوڙيندي رهندي جيستائين انهن جي محروم??ن جو ازالو نه ٿو ٿي وڃي، انساني حقن جون سنگين خلاف ورزيون، اخلاقي ڏيوالپڻو ۽ خوفناڪ ظلم اڄ ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارتي قبضي جي حقيقت کي نمايان ڪن ٿا. 9 لک کان وڌيڪ ڀارتي فوج??ن جي موجودگي ڪشمير جي جنت نظير واديءَ کي دنيا جي س?? کان وڏي جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي ڀارتي قدمن کانپوءِ رياستي ڏاڍ ۾ ڪيترائي ڀيرا اضافو ٿيو آهي جڏهن ته وحشياڻي فوجي گهيراءُ، بٽي لاڪ ڊائون ۽ ڪورونا وبا جي ڪري اضافي پابندين انهن مصيبتن کي وڌيڪ وڌائي ڇڏيو آهي، افسوس جوڳي ڳالهه اها آهي ته عالمي قانون ۽ چوٿ??ن جنيوا ڪنوينشن جي خلاف ورزي ڪن??ي غيرقانوني آبا??يا??ي تبديل??ن جي ذريعي ڪشمير ۾ مسلمان اڪثريت کي پنهنجي ئي سرزمين ۾ اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي، هيستائين 4.2 مل??ن جعلي ڊوميسائيل سرٽيفڪيٽ اهڙن ماڻهن کي جاري ڪيا ويا آهن جن جو تعلق ڪشمير سان نه آهي. هن چيو ته ڪشمير??ن جي خلاف ڀارت جي رياستي دهشتگردي انساني حقن جي صورتحال بابت وڌندڙ عالمي خدشن کي وڌيڪ هوا ڏني آهي، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ڏاڍ ۽ ظلم جي شرح ۾ تيزي سان اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته ڀارت گڏيل قومن جي خصوصي، آزاد انساني حقن جي مبصرن ۽ عالمي ميڊيا کي والاريل علائقي تائين پهچ ڏيڻ کان مسلسل انڪار ڪري رهيو آهي ته جيئن والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ زميني صورتحال جي آزاداڻي جائزي کان بچي س??هي.