لنڊن – 06 – اپريل (اي پي پي) ڀارتي م??زا??يل جي پاڪستان حدن ۾ ڪرڻ جي ڪجهه ڏينهن کانپوءِ فلپائن ڀارت کان ان معاملي تي جواب طلب ڪيو هو. ان ڳالهه جو انڪشاف بي بي سي ڀارتي اخبار جي حوالي سان پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ ڪيو آهي. رپورٽ موجب ڀارت جي مشهور انگريزي اخبار ”دي انڊين ايڪسپريس“ پنهنجي رپورٽ ۾ لکي?? ته فلپائن اها وضاحت ان لاءِ طلب ڪئي هئي ڇ?? ته هو ڀارت سان برا??مو?? م??زا??ل جي خريداري جي هڪ معاهدي تي صحيح ڪري چڪو هو، فلپائن جي صدر روڊريگوڊوٽرٽي جي ڪابينا ۾ سڀ کان سينئر وزير ۽ دفاع واري سيڪريٽري ڊيلفائن لورينزانا ڀارتي سفير شمڀو ايس ڪمارن کي ان سلسلي ۾ طلب ڪيو هو. ڀارتي سفير فلپائن جي دفاع واري سيڪريٽري کي ٻڌاي?? ته م??زا??ل سسٽم ۾ ڪا فني مسئلو هو ۽ ان سلسلي ۾ جاچ جاري آهي، جڏهن جاچ مڪمل ٿيندي ته ان جي معلومات به فلپائن جي لاڳاپيل عملدارن سان شيئر ڪئي ويندي. پاڪستان جي سرزمين ۾ حادثاثي طور تي ڪرندڙ م??زا??ل جي ساخت ته ڪو به سرڪاري بيان سامهون نه آيو آهي ۽ فلپائن جي پريشاني جو اهو ئي سبب آهي. واضح رهي ته هلندڙ سال 28 جنوري تي فلپائن ڀارت سان برا??مو?? م??زا??ل جي خريداري جي هڪ معاهدي تي صحيح ڪيون هيون جنهن کي ڀارت جي ڊفينس ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن(ڊي آر ڊي او) ۽ روس جي اين پي او ميشينوسترونيا اداري گڏيل طور تي تيار ڪري رهيا آهن، فلپائن سان ٿيندڙ اهو معاهدو 73 ڪروڙ 50 لک آمريڪي ڊالر ماليت جو آهي ۽ چيو پيو وڃي ته اهو انڊيا لاءِ هڪ وڏو دفاعي سودو آهي، هڪ ٻي ڀارتي اخبار ”دي هندو“جي موجب انڊيسن سفير ڪمارن اننٿاسيٽر جي اهتمام هيٺ منعقد تقريب ۾ چيو ه?? ته فلپائن سان شروعاتي معاهدو گذريل سال مارچ ۾ ٿيو هو، ٻيو معاهدو نومبر ۾ ۽ حتمي معاهدو هلندڙ سال جنوري ۾ ٿيو آهي، ڀارتي خابرو اداري اي اين آءِ جي 23 مارچ جي رپورٽ ۾ سرڪاري ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو وي?? ته ڀارتي فضائيه جي فوج ۾ ميجر جنرل جي عهدي جي برابر آفيسر ان معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهن ۽ بادي النظر ۾ اهو م??زا??ل هڪ گروپ ڪيپٽن رينڪ جي آفيسر جي غلطي جي بنياد تي فائر ٿيو هو.