اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڏو??ان??ن علائقن ۾ فوري انصاف فراهم ڪرڻ ۾ ٽيڪس ??حتسب جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته وفاقي ٽيڪس ??حتسب جي پهچ وڌائڻ ۽ اداري جي ڪردار بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ٽيڪس ??حتسب ڊاڪٽر آصف محمود جاهه سان ڳالهائيندي ڪ??و جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس مل??قا?? ڪئي. هن چيو ته ٽيڪس ??حتسب واپارين کي ٽيڪس عملدارن جي ناانصافي جي خلاف ريليف فراهم ڪرڻ جو بهترين ڪم ڪري رهيو آهي، وفاقي ٽيڪس ??حتسب ڪسٽم ۽ ٽيڪس عملدارن جي بدانتظامي جي خلاف فوري انصاف فراهم ڪري رهيو آهي. صدر چيو ته ٽيڪس ??حتسب واپارين کي ٽيڪس عملدارن جي ناانصافي جي خلاف ريليف فراهم ڪرڻ جو بهترين ڪم ڪري رهيو آهي. وفاقي ٽيڪس ??حتسب ان موقعي تي صدر کي اداري جي سالياني ڪارڪردگي رپورٽ 2021ع پيش ڪئي. وفاقي ٽيڪس ??حتسب پنهنجي رپورٽ ۾ صدر کي آگاهه ڪيو ته سال 2021ع دوران ايف ٽي او وٽ 1816 تازيون شڪايتون داخل ٿيون جڏهن ته گذريل 333 تي باقي ڪ??سز تي پڻ ڪارروائي ڪئي وئي. رپورٽ موجب سال 2021ع دوران 2867 ڪيسن کي اڪلايو ويو ۽ ان دوران 88.14 سيڪڙو فيصلن تي عملدرآمد ٿيو. رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته محتسب 8.4 ارب رپين جي ڪ??يمز جو فيصلو ڪيو جڏهن ته رقم ايف بي آر متاثره ٽيڪس ڏيندڙن کي ادا ڪئي، ٽيڪس ڏيندڙن جي سهولت ۽ شڪايتن جي تيز حل لاءِ شڪايتن جو غيررسمي حل شروع ڪيو ويو آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي پيش ڪيل رپورٽ ۾ ان ڳالهه کان پڻ آگاهه ڪيو ويو ته غيرقانوني طور تي وڌيڪ سيلز ٽيڪس جي وصولي تي گاڏين جي خريدارين کي 60 ڪروڙ رپين جا فنڊ ڏنا ويا جڏهن ته واپارين جي سهولت لاءِ عالمي هوائي اڏن ۽ چمن ۽ طورخم جي بارڊر تي سهولت ڊيڪس ??ائم ڪيا. رپورٽ موجب واپاري ادارن ۽ انجمنن جي تعاون سان سڄي ملڪ ۾ سيمينارز ۽ آگاهي سيشنز منعقد ڪيا پيا وڃن. صدر ڏو??ان??ن علائقن ۾ فوري انصاف فراهم ڪرڻ ۾ ٽيڪس ??حتسب جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو.