اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي ۽ ڊپٽي چيئرمين مرزا محمد آفريدي ڪراچي يونيورسٽي جي ويجهو گاڏي ?? ڌماڪي جي نتيجي ۾ قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن پنهنجي تعزيتي پيغامن ۾ هنن چيو ته ڏکويل خاندانن جي ڏک ۾ برابر ??ا شريڪ آهيون ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪريون ٿا.