اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي حڪومت جي تبديلي جي مبينه سازش جي معاملي جي مڪمل جاچ تي زور ڏيندي چيو آهي ته حالتن ۽ واقعن تي ٻڌل ثبوت حاصل ڪرڻ سان به معاملي کي انجام تائين پهچائي سگهجي ٿو، عمران خان جو خط وزيراعظم پ??ڪس??ان ۽ چيف جسٽس کي موڪلي رهيو آهيان، چيف جسٽس معاملي جي جاچ ۽ ٻڌڻي لاءِ بااختيار عدالتي ڪميشن قائم ڪري. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر اڳوڻي وزيراعظم ??مران خان جي خط جو جواب ڏنو آهي جنهن ۾ حڪومت ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ مبينه سازش جي جاچ تي زور ڏنو ويو آهي. صدر چيو ته هن آمريڪا ۾ پ??ڪس??ان جي اڳوڻي سفير پاران موڪليل سائفر جي ڪاپي پڙهي جنهن ۾ آمريڪا جي پرڏيهي وزير جي مددگار ڊونلڊ لو سان پ??ڪس??اني سفارتخاني ۾ ٿيندڙ ملاقات جي باضابطه سمري موجود هئي. هن چيو ته سائفر جي رپورٽ ۾ ڊونلڊلو جا ڪجهه بيان شامل هن جنهن ۾ خاص طور تي وزيراعظم ??ي خلاف عدم اعتماد جي رٿ، جو ذڪ?? ڪيو ويو آهي، سائفر ۾ رٿ جي ڪاميابي جي صورت ۾ ”معافي“ ۽ ناڪامي جي صورت ۾ سنگين نتيجن جو به ذڪ?? آهي، صدر چيو ته پ??ڪس??اني عوام کي وضاحت ڏيڻ ۽ معاملي کي منطقي انجام تائين پهچائڻ لاءِ حالتن تي ٻڌل ثبوت رڪارڊ ڪرڻ جي ضرورت آهي، صدر قومي سلامتي ڪميٽي جي ٻن اجلاسن جو به حوالو ڏنو جنهن ۾ ان ڳالهه جي توثيق ڪئي وئي هئي ته ڊونلڊلو جا بيان پ??ڪس??ان جي اندروني معاملن ۾ ناقابل قبول ۽ سراسري مداخلت جي برابر آهن ۽ حڪومت پ??ڪس??ان بجا طور تي هڪ ڊي مارش جاري ڪيو آهي، ڌمڪيون خفيه ۽ ظاهر ٻئي ٿي سگهن ٿيون، ان خاص معاملي ۾ غير سفارتي زبان ۾ واضح طور تي ڌمڪي ڏني وئي، صدر پنهنجي خط ۾ چيو ته هو ان ڳالهه تي يقين رکي ٿو ته ان سان پ??ڪس??ان جهڙي هڪ آزاد ۽ خودمختيار قوم جي وقار کي شديد ٺيس پهتو آهي. صدر چيو ته اڳوڻي وزيراعظم پنهنجي خط ۾ ڌمڪي تي ممڪنه رد عمل ۽ اثرن جو ذڪ?? ڪيو، هڪ خودمختيار، غيور ۽ آزاد قوم جي وقار کي شديد نقصان پهتو، معڪاملي جي تفصيلي جاچ ۽ تحقيقات جي ضرورت آهي، صدر چيو ته پ??ڪس??ان جي تاريخ ۾ ڪيتريون ئي سازشن جي تحقيقات بي نتيجا رهيون، ان سلسلي ۾ هن راولپنڊي ۾ پ??ڪس??ان جي پهرين وزيراعظم ??هيد لياقت علي خان جي قتل، اگرتله سازش ڪيس، اڳوڻي وزيراعظم ??والفقار علي ڀٽو جو سري عام خط لهرائڻ ۽ سندس خلاف سازش جي الزام، صدر ضياءُ الحق جي جهاز جي حادثي، اوجڙي ڪيمپ سانحي، ايبٽ آباد سازش ڪيس ۽ ٻين ڪيترن ئي واقعن جو ذڪ?? ڪيو جيڪي بي نتيجا رهيا، هن چيو ته عالمي سطح تي به سازشن جي تصديق ڏهاڪن کانپوءِ ڳجها دستاويز ??اري ڪرڻ کانپوءِ ٿيندي آهي، ڊگهي عرصي کانپوءِ ڳجها دستاويز ??اري ڪرڻ تائين ملڪن کي شديد نقصان پهچي چڪو هوندو آهي، صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته حالتن ۽ واقعن تي ٻڌل ثبوت حاصل ڪرڻ سان به معاملي کي انجام تائين پهچائي سگهجي ٿو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته عمران خان جو خط وزيراعظم ۽ چيف جسٽس کي موڪلي رهيو آهيان، چيف جسٽس معاملي جي تحقيقات ۽ ٻڌڻي لاءِ بااختيار عدالتي ڪميشن قائم ڪري.