اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته پاڪست??ن جي آئين ۾ هر قسم جي مذهبي آزادي ۽ بنيادي انساني حقن جي ضمانت ڏني وئي آهي، شخصي آزادي هر انس??ن جو بنيادي حق آهي، جيڪڏهن بنيادي انساني حق ۽ آزادي سلب ڪيا وڃن ته عوام بي چين ٿي ويندو آهي، جنهن سان ماحول ۾ خراب ٿي ويندو آهي، قو??ي ترقي ۽ غير ملڪي سيڙپڪاري به متاثر ٿيندي آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار اسلامڪ يونيورسٽي جي اهتمام هيٺ اسلامي واڌ ۽ جامعيت جي موضوع تي ٿيندڙ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اسپيڪر چيو ته پاڪستان انتهائي محبت ڪندڙ ماڻهن جو ملڪ آهي، ٻاهرين ملڪ م??ن جيڪو به ماڻهو پاڪستان ايندو آهي اهو پاڪست??ن جي ثقافت، ڪلچر ۽ مهمانوازي مان متاثر ٿيڻ کانسواءِ نٿو رهي سگهي. پاڪستاني قوم انتهائي ملڻي ۽ خوش اخلاق آهي، پاڪستان ۾ مختلف مذهب ۽ نظرين سان تعلق رکندڙ ماڻهو رهندا آهن، اسپيڪر چيو ته پاڪستان ۾ مختلف مذهبن وارا گڏيل احترام ۽ هم آهنگي سان گڏجي پرامن انداز ۾ رهي رهيا آهن، انهن جو هڪ زنده مثال اڃان به اسان ۾ موجود آهي، اس??ن جي هن تقريب جي ميزبان اڳوڻي قومي اسيمبلي جي ميمبر آسيه ناصر صاحب جو تعلق پاڪست??ن جي مشهور مذهبي سياسي جماعت جمعيت علماءُ اسلام سان آهي، آسيه ناصر صاحبه حضرت عيسيٰ عليه اسلام جي دين جي پيروڪار آهي. ان مان توهان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته مثبت سوچ رکڻ وارا ماڻهو پنهنجي پنهنجي مذهب سان تعلق رکندي به گڏجي ڪم ڪري سگهن ٿا، پاڪست??ن جي جهنڊي جو رنگ سائو ۽ اڇو آهي، سائو رنگ ان ڳالهه جي علامت آهي ته پاڪست??ن جي اڪثريت اسلام سان تعلق رکندي آهي، پاڪستاني جهنڊي جو اڇو رنگ امن ۽ ڀائيچاري جي علامت آهي، اڇو رنگ پاڪستان ۾ رهندڙ قليتي طبقي جي نمائندگي ڪندو آهي، هن چيو ته آئون توه??ن جو ڌيان ان حقيقت طرف ڏيارڻ چاهيان ٿو ته ننڍي کنڊ ۾ رهندڙ مسيحي برادري تحريڪ پاڪست??ن جو ساٿ ڏنو هو، مثال طور پنجاب اسيمبلي مسيحي ميمبرن قائداعظم محمد علي جناح جي چوڻ تي پاڪستان ۾ حق ۾ ووٽ ڏنو هو، جيڪڏهن ان وقت هو خدا نه ڪري ڀارت جي حق ۾ ووٽ ڏئي ڇڏين ها ته پنجاب جي حوالي سان مسلم ليگ مشڪل جو شڪار ٿي سگهي پئي، پاڪستاني حڪومت ۽ پاڪستاني عوام ان تاريخي تعاون جي ڪري مسيحي برادري کي عزت جي نگاهه سان ڏسندو آهي، دنيا ۾ جتي به قومن ترقي ڪئي آهي انهن سڀني جيئو ۽ جيئڻ ڏيو جي پاليسي تي عمل ڪيو آهي، اتي شخصي ۽ مذهبي طور تي مڪمل آزاديون ڏنيون ويون آهن، پاڪست??ن جي آئين جي خالق شهيد ذوالفقار علي ڀٽو بنيادي انساني حقن ۽ آزادي کي آئيني تحفظ ڏنو آهي، اس??ن جو آئين ملڪ جي ترقي، خوشحالي، امن ۽ اق??يتن جي حقن جو محافظ آهي، اسان کي گڏجي پاڪستان کي ترقي ڏيڻي آهي، اسان کي پاڪست??ن جي ماحول کي بهتر کان بهتر ڪندي امن ۽ سلامتي جو گهوارو بڻائڻو آهي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته مون کي اميد آهي ته ايف او آر بي ۽ تحقيقات اسلامي ادارو ملڪ ۾ امن، سڪون ۽ هم آهنگي پيدا ڪرڻ لاءِ سدائين سرگرم رهندو.