اسلام آباد – 22 – جون (اي پي پي) افغانستان جي زلزلي سٽيلن جي لاءِ امدادي سامان سان ڀريل ٽرڪ اڄ رات خوست رواني ٿيندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز ??ري?? جي هدايت تي موڪليو ويندڙ امدادي سامان خوست ۾ افغان عملدارن جي حوالي ڪيو ويندو. وزيراعظم شهباز ??ري?? جي هدايت تي افغانستان جي زلزلي سٽيلن جي لاءِ امدادي سامان اربع ۽ خميس جي وچ واري رات روانو ڪيو پيو وڃي. افغانستان موڪليو ويندڙ سامان ۾ تنبو، ٿُلهيُون چاڌرُون، ڪمبل ۽ دوائون شامل آهن. امدادي سامان سان ڀريل ٽرڪن جو قافلو غلام خان ڪالي زنگ رستي کان خوست پهچندو، جتي اهو امدادي سامان افغان عملدارن جي حوالي ڪيو ويندو. پرڏيهي وزات، اين ڊي ايم اي ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن امدادي سامان جي روانگي ۽ افغان عملدارن کي حوالگي جي عمل ۾ حصيدار عمل ڪري رهيا آهن. وزيراعظم شهباز ??ري?? افغانستان ۾ زلزلي جي نتيجي ۾ ٿ??ندڙ نقصانن تي پاڪستان پاران انساني همدردي جي جذبي تحت امدادي ساامان موڪلڻ جي هدايت ڪئي هئي.