اسلام آباد – 29 – جون (اي پي پي) ا??لا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب قومي خابرو اداري (اي پي پي) جي ملازمن جي شاهراهه دستور تي جاري احتجاجي مظاهري ۾ پهچي ملازمن جا مطالبا حل ڪرڻ جي خ??طر?? ڪرائي، جنهن کانپوءِ مظاهرين پنهنجو احتجاج ختم ڪري ڇڏيو. ا??لا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب اربع جي رات شاهراهه دستور تي ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي احتجاج ڪندڙ ملازمن سان ملاقات جي ??اء?? پهچي وئي. اي پي پي جو ايم ڊي اختر منير، پرنسپل انفارميشن آفيسر (پي آءِ او) مبشر حسن پڻ ساڻس گڏ هئا. ا??لا??ات واري وفاقي وزير يڪجهتي جي اظهار طور مظاهرين سان گڏ روڊ ??ي ويهي رهي. هن چيو ته صحافين سان سندس تعلق سياسي يا حڪومتي نمائندي جي طور تي نه آهي، آئون اي پي پي جي ملازمن جي مسئلن کان چڱي ريت آگاهه آهيان پر اهي مسئلا رڳو اي پي پي جا نه آهن. هن چيو ته ڏينهن رات ا??لا??ات واري وزارت جا اعليٰ عملدار ناڻي واري وزارت سان رابطي ۾ رهيا. (ڊسپيريٽري الائونس) ۽ ريگيولر پي اسڪيلز سڀني ڪارپوريشنز جو مسئلو آهي. ناڻي واري وزارت جي عملدارن کي چيو آهي ته ان مسئلي جو ج??د حل ڪڍن، ان ڏس ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جيڪا اڄ اربع ڏينهن ان معاملي جو جائزو وٺندي. هن اي پي پي ايمپلائيز يونين جي نمائندن کي چيو ته اهي به ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪن. ا??لا??ات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب خ??طر?? ڪرائي ته اي پي پي ملازمن جي ترقي ??اء?? ڊي پي سي ڪرائڻ جون هدايتون جاري ڪيون وينديون. اي پي پي ملازم ا??لا??ات واري وزير مريم اورنگزيب جي اچڻ، يڪجهتي جي اظهار ۽ مسئلن جي حل جي خ??طر?? ڪرائڻ تي ٿورا مڃيا ۽ احتجاج ختم ڪري ڇڏيو.